::Book :: Moro Nahy Thoro::

The History of Moro City. . . . .By: Mohammad Mithal Kamalani

A Tribute To Mohammad Mithal Kamalani (Author of This Book Moro Nahy Thoro)

                                               By: Azhar Hussain Kamalani (+92300-3001961)

The Work Of
                           . . . Mohammad Mithal Kamalani

 

ڪمالاڻيءَ جو ڪمال

          ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ”اڻ ڇپئي عوامي ۽ ترقي پسند“ ادب جي اسان جوڳي حفاظت“ ۽ اهڙي ادب يا  صحافت جي ڇپائڻ وارين سهولتن، مهلتن ۽ ذريعن مان اسان تاريخ جي تقاضائن پوري ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيو آهي. محترم مٺل ڪمالاڻيءَ جو هي ڪتاب ”مورو ناهي ٿورو“ پڻ ان سلسلي جي ڪڙي آهي. هي ڪتاب تاريخ نويسيءَ جو درٻاري ۽ سرڪاري روپ نه پر عوامي روپ آهي. هي ڪتاب پنهنجي موجوده صورت ۾ ”تاريخ“ به آهي ته تاريخي اهميت وارو مواد ۽ معلومات پڻ آهي.

          ائين ڪو نه آهي ته ”مورو ناهي ٿورو“ سنڌ جي ڳوٺن يا شهرن تي لکيل ڪتابن جو آغاز آهي. ”ڇاپي ادب“ جي دور جي شروعات کان وٺي اسان کي ان سلسلي جا ڪيترائي ڪتاب مليا آهن، ۽ انهن ۾ روز بروز اضافو ٿيندو رهي ٿو. پر هي ڪتاب ٻن ڳالهين ڪري ”پهريون ڪتاب“ چئي سگهجي ٿو.

          پهرين ڳالهه هي آهي ته محترم محمد مٺل ڪمالاڻي عرصي کان وٺي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن تي تحقيقي ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ مواد خواهه معلومات جي چڱي خاصي ميڙي چونڊي ڪئي اٿ. انهيءَ ميڙي چونڊي مان اسان کي هي ”پهريون“ ڪتاب ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن سندس ڀرپور همت افزائي ٿي ۽ سنگت جو ساٿ مليس ته پوءِ ڪيترائي ڪتاب اسان کي ڏئي سگهندو. 

 

Personal Findings about Moro

 

 

ذاتي تجربو:

            مورو شهر، آل مغيره جي بگڙيل صورت ”موريا“ خاندان جي هڪ بزرگ، سيوستان کان گچيري جي رستي هجرت ڪري هن سرزمين جي پوٺوار مٿاهين دڙي تي سڪونت اختيار ڪئي سندس آستان تي ڪيترن ئي عقيدتمندن جي پهچڻ بعد هيءَ سرزمين، بستيءَ جي صورت اختيار ڪري مورو جي نالي سان مشهور ٿيل آهي. جيڪو غالبن اٺين صدي هجري جي پوئيناڌ وارو دور ٿي سگهي ٿو.

            ان فقير منش بزرگ جي صحبت، ڪيترن ئي ٻين ذاتين وارن ماڻهن کي آڻي هن بستيءَ تي رهايو، جن مان اڪثريت هندن جي هوندي هئي، باقي مسلمانن جا ڪي چند گهر اچي آباد ٿيل ٿا ڏسجن.

            مورو جي وستي آباد ٿيڻ بعد، جيڪو اوائلي احوال ملي ٿو. ان موجب گهڻو آڳاٽو مورو جي بستي هڪ مٿانهين پوٺي تي آبادٿيل هئي. ان جي چوڌاري کڏون هيون، اتي آسپاس لئو، ڪنڊي، ٻٻر، ٻير، ڪرڙ، کبڙ، ڪانڊيرن، پپر ۽ گيدوڙي جا وڻ، تمام ڪثرت سان ملندا هئا. سراسري هم چورس 5 ميلن اندر، جتي جتي ڪو آبادي لائق ٽڪرو هوندو هو اتي پوک ڪندڙ هارين جا ٻه چار ڪکاوان چونرا ۽ ڇٻر ٺهيل هوندا هئا. ڪٿي وري مال چاريندڙ خانه بدوش قبيلن جون جهوپڙيون هونديون هيون. هي اهو دور هو، جنهن وقت ڪا به سائنسي ايجاد ڪا نه هئي. ڪلن جو رواج ديسي نوعيت جو هوندو هو. سفر، باربرداري ۽ نقل حرڪت لاءِ خشڪي سفر قافلن جي صورت ۾ ڏاندن، اٺن، گهوڙن ۽ گڏهن تي ڪيو ويندو هو. درياهي رستن سان ٻيڙيون استعمال ڪيو وينديون هيون.

 

            جڏهن سنڌ ۾ ڏهه ڪوهي راجائي نظام وارو دور هئو تڏهن ڌارين جي حملن کان بچڻ لاءِ راجائن پنهنجي لشڪري نقل و حرڪت ۽ رابطي لاءِ جيڪو راجائي رستن جو جھار پکيڙيو هو. مورو جي سرزمين ان لحاظ کان مرڪزي چونڪيءَ جي حيثيت رکندڙ هئي. اجھ به پيرسن طبقو، مورو کان ٻاهر چئوطرف ويندڙ رستن کي راجائي تار وارا رستا سڏيندڙ آهي. اهڙن 

ستن مان هڪ اتر طرف درس ۽ مٺياڻي طرف وڃي ٿو، جتان الور، سکر ۽ بکر جي راڄڌانين سان ڳنڍيل هو. اوڀر طرف وارو راجائي رستو سنڌ جي قديم شهر ساوڙي ڏانهن وڃي ٿو. ”جنهن کي عرب مورخن ساوندي ۽ ساوندري لکيو آهي“ هن جاءِ تي مهاتما ٻڌ جي پرچارڪن جي وڏي درسگاهه هوندي هئي. ڏکڻ وارو رستو وري ساهتي پرڳڻي جي ڏاکڻي ڇيڙي سان ڳنڍيل آهي. هي رستو دولتپور طرف وڃي ٺل مير رڪڻ سان لڳي ٿو. جتي مهاتما ٻڌ جو وڪر بهار نالي هڪ عظيم مندر جا آثار اجھ به موجود آهن. هڪ ٻيو رستو شهر جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي گچيرو جي قديم شهر ۽ سنڌو درياهه جي هڪ قديم ۽ مشهور بندرگاهه ڏانهن وڃي ٿو. هن بندرگاهه واري هنڌ سان مورو جا سياسي، سماجي ۽ اقتصادي لڳ لاڳاپا ايترو ته وابسطه رهيا آهن جو مورو ڪنهن دور ۾ سڏبو ئي گچيري جي حوالي سان هو. هن رستي لاءِ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم جي لشڪر سيوهڻ کان درياهه اڪري گچيرو ڍنڍ وٽ هندو لشڪر جو مقابلو ڪيو ۽ پوءِ ڪي چون ٿا ته برهمڻ آباد ويو هو ته ڪي چون ٿا ته الور جو رخ ڪيائين. بهرحال ٻنهي صورتن ۾ هن لشڪر جو انهي رستي سان گذر ٿيل ٿو ڏسجي، جيڪو مورو مان لنگهي ٿو. هڪ ٻيو اهم رستو مورو جي اتر اولهه ڪنڊ طرف دادو ڏانهن وڃي ٿو، جنهن جاءِ تي پڻ لليا، چنيچا، جوڻالوءِ جي نالن سان سنڌو درياهه تي قديم پتڻ ٻڌايا وڃن ٿا. رستي سنڌ جي اتر اولهه وارين سڀني ايراضين سان رابطو معلوم ٿئي ٿو.

            هي سڀ راجائي تار وارا رستا مورو کي مرڪزي حيثيت ڏين ٿا. قوي گمان آهي ته مورو قديم دور ۾ هڪ اهم فوجي چونڪيءَ جي حيثيت رکندڙ هجي، ۽ الور کان ٺٽي تائين فوجن جي جيڪا به نقل و حرڪت ٿيندي رهي آهي، ان هن سرزمين کي اهم حيثيت حاصل رهندي آئي هجي. ڇاڪاڻ جو هند ۽ سنڌ جي قديم تاريخن ۽ نقشن ۾ مورو جي سرزمين هيٺين حڪمرانن جي قبضي هيٺ رهندي آئي آهي.  

 

How ::Moro:: Was Named

 

مورو نالو رکجڻ جو احوال؛

            هن سرزمين تي مورو نالو رکجڻ بابت جيڪي مستند ڪتابن ۾ روايتون ملن ٿيون انهن کي هوبهو هيٺ درج ڪجي ٿو.

پهرين روايت؛

            مورو شهر موريا خاندان جي هڪ بزرگ جو ٻڌايل آهي جيڪو سن 792 هجري ۾ هن سرزمين تي آيو ۽ 150 سال عمر ماڻي، سن 872 هجري ۾ وفات ڪيائين سندس مزار مورو جي الهندي ۾ آهي.

ٻي روايت؛

            بني اميه ۽ بني عباس دور ۾، جيڪي هنن خاندانن جا ماڻهو سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا، انهن کي غزنوي حڪمرانن سان سلطان محمود غازي جي وزير عبدالرزاق، سنڌ 417 هجري ۾ بکر ۽ سيوستان فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ مان هڪالي ڪڍيو، انهن مان صرف اهي چند ماڻهو، جيڪي فضيلت ۽ چڱي حالت جا مالڪ هئا ۽ اهل عيال جي پابند زنجيرن ۾ جڪڙيل هئا، سي شرعي عهدن ۽ وظيفن تي قائم رهيا. نسب جي ڄاڻن، اهڙا ارڙهن قبيلا ثابت ڪيا آهن. جن مان ”آل مغيره“ به هڪ قبيلو هئو، جيڪو ٻوليءَ جي لهجي واري مٽ سٽ سبب موريه (موريا سڏجڻ لڳو.

ٽين روايت:

            بني مغيره مان هاڻوڪو موريا آهن، شايد مورو به انهن ماڻهن جو هو.

چوٿين روايت:

            موڙاسنگهه جي چوٿين نمبر پراڪرمي پٽ سهتا سنگهه، سنڌ جو وچ وارو پرڳڻو به هٿ ڪيو، تڏهن کان ان تي ساهتي نالو پيو ۽ ان ۾ سندس پيءُ جي نالي مورو تعلقو به هوندو هو.

پنجين روايت:

            مورو شهر مان نصير محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ فريد ڀاڳت ٻڌايو، ڪن جو چوڻ آهي ته اهو شهر، پذير فقير جو ٻڌايل آهي، جو ذات جو مورو هو ۽ جنهن کي اتڪل ٽي سئو ورهيه ٿيندا.

ڇهين روايت:

 

            سنڌ ۾ بلاولي تحريڪ دوران جڏهن گچيرو ۾ مخدوم هنڱورو هو ۽ ان جو ارغون حڪمران سان تصادم ۾ خاتمو آيو تڏهن اتي جا ماڻهو افراتفري جي عالم ۾ گچيرو کان ٻين واهڻن ۽ وستين ۾ وڃي آباد ٿيا. ان ئي دور ۾ 

مورڙيو فقير نالي هڪ فقير منش گچيري کان لڏي مورو جي موجوده سرزمين تي اچي آباد ٿيو. جنهن جي نالي پويان مورو سڏجڻ لڳو.

ستين روايت:

            (هي روايت مورو جي قديم رهاڪن ۽ پيرسن طبقي جي طرفان سيني به سيني علم منتقل ٿيڻ واري بنياد تي ٻڌل آهي. جنهن موجب مورڙيو فقير نالي هي شهر ستين سن هجري (ستين صدي) ۾ ٻڌايو هو. ان جي مزار شهر جي اولهه ۾ مٿي دڙي تي هئي جيڪا هاڻ گهرن جي وچ ۾ اڄ به موجود آهي.  

 

Impacts of Traditions  on Moro

 

قديم تهذيبي اثر:

  1. سڪندر اعظم ۽ سندس يوناني سالار، سنڌو درياءُ ذريعي سنڌ جي خطي تي پهتا. انهن پنهنجي يوناني تهذيب ڪافي اثر سنڌ تي ڇڏيا. مثلن گز ڪمان سان شڪار.
  2. چندر گپت ۽ اسوڪا جي دور ۾ به سنڌ جي حڪمراني انهن مها راجائن جي هوندي هئي. جن جي طرفان ٻڌ ڌرم جي پرچار لاءِ ٿنڀ ٺهرايا ويا. مورو جي سرزمين انهن جي قبضي هيٺ رهي.
  3. عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ ۽ حڪومت ڪرڻ.

 

غزنوي خاندان جون سنڌ سرزمين تي لشڪري ڪاهون

  1. مغل خاندان جي سنڌ تي حڪمرانياهڙي طرح مورو جي سرزمين تي آباد ماڻهن انساني نقل و حرڪت مان ڪيترن ئي تهذيبن جي اثرن کي اهڙي طرح قبول ڪيو جهڙي طرح سنڌ سرزمين جي ٻين خطن جي ماڻهن قبول ڪيو.
  2. مورو جي قديم ماڻهن، رسم رواج، مذهبي طور طريقن، لباس زيورن، شڪار، يا ٻي عام سماجي زندگيءَ جي نمونن ۾ نسل در نسل جيڪي آثار ڇڏيا آهن، انهن جو ذڪر هن طرح آهي.  

 

شڪار:

 

شڪار:

            مورو جي پيرسن طبقي جو چوڻ آهي ته جڏهن بندوقن جو رواج ڪو نه هوندو هو، تڏهن قديم ايامن کان وٺي ماڻهو جهنگلي جانورن جو شڪار وڏين ڪوڙڪين ۽ ڏڦن سان ڪندڙ هئا. باقي پکين جو شڪار ڪرڻ لاءِ باز ۽ گزڪمان جو استعمال ڪندا هئا. (جيڪو فن نسل در نسل غالبن يوناني تهذيب کان متاثر ٿيڻ جي عڪاسي ڪري ٿو). هيءُ دستور مورو جي آباد خاندانن ۾ اجھ کان 50 سال اڳ تائين بلڪل عام هو.

            اوستو نبهندو، گل محمد ميمڻ، حاجي موسو، پير بخش رازو ۽ عبدالغفار ميمڻ مورو شهر جا بهترين گزڙيا هوندا هئا جن مان ڪن وٽ ته باز به پاليل هوندا هئا

 

 

زيور:

 

زيور:

            مورو شهر ۾ قديم قبيلن جي آباد ٿيڻ لاءِ جيڪا ٻي شهادت ملي ٿي اها هن طرح ته سنڌ جي قديم رسم و رواج موجب هتي عورتون جيڪي زيور استعمال ڪنديون هيون انهن ۾ نٿ تائٿ، منڊيون نورا، ٻانهيون، هس، ڳن، پنڙا، داڻن جا هار ۽ ڪنگڻ خاص ۽ اهم هوندا هئا. مٿين سڀني زيورن جو استعمال سنڌ جي انتهائي قديم تهذيب ۽ ثقافت ڏانهن اشارو ڪندڙ آهي. 

 

 

Dressings of People of Moro

 

لباس:

            هتي آباد ٿيل قديم لوڪن ۾ هندو ۽ مسلمان اچي وڃن ٿا، هندن جي عورتن جو لباس، گج ۽ پڙو هوندو هو. اجھ جي دور ۾ جيڪو مينگهواڙ ۽ ڪولهي عورتون لباس پائن ٿيون اهو ساڳيو هوندو هو. مرد ڪپڙي جي ٽوپي، ڌوتي، پهراڻ ۽ صدري پهريندا هئا.

            مسلمانن جون عورتونس نڌي ململ جي پوتي، ڇر تي چني ۽ سوسي يا گربيءَ جون چوڙيدار سلوارون پهرينديون هيون ۽ کين پهراڻ وانگر ڇريل ڪپڙي جو چولو پاتل هوندو هو. مسلمان مرد مٿي تي پٽڪو وڏي پائنچي سان ڳري ٻه تاڪي سلوار ۽ پير ۾ گهيتلو بوٽ يا سنڌي جتي پائيندا هئا. کين ڪلهي تي اوڇڻ ضرور هوندو هو، عورتون اڇي مٿي واريون ٻاهر 

راجھ رانوڻ ۾ اينديون وينديون هيون ته چادر جي ٻڪر هڻي منهن تي پردو ڪنديون هيون ۽ چيلهه تائين سلوار مٿان پڙو پائي نڪرنديون هيون. هي لباس پڻ سنڌ جي سڀني تاريخن ۾ تمام قديم تهذيب جي عڪاسي ڪري ٿو.  

 

 

 

 

 

ٺڪر ۽ ٽامي جا ٿانءَ:

            مورو جي سرزمين صدين کان ٺڪر جي ٿانون ٺاهڻ کان مشهور آهي. هي فن مورو ۾ تقريبن ست اٺ صديون پراڻو آهي هن سرزمين تي ٺڪر جي ٿانون جو استعمال ڪثرت سان ٿيندو هئو، جنهن ۾ دانگي، چاڏي، ڪنو، ٽڀو، پاٽ، ڪونر، تئونر، ٺڪر جون اکريون ۽ ڪاٺ جون مهريون پارڙا ۽ ڪنگريون استعمال هيٺ هوندا هئا. ٺڪر جي ڏيئن ٻارڻ جو رواج ته نهايت قديم دور جي علامتن مان هڪ آهي، جيڪو قريب قريب سنڌ جي هر حصي تي موجود هوندو هو.

            (واضح رهي ته موروشهر ۾ جاين جو بنيادکڻندڙ رازن مزدورن، کوهاڻن، قديم دور جي قبرون کوٽيندڙن کان هي روايتون ڪثت سان ملندڙ آهن ته مورو جي مقامي مٿاهين حصي کي کوٽيندي 6 کان 10 فوٽن جي هيٺ تهه تائين ٻه ٺڪر جا ٽڪر ۽ هڏا کين ملندا هئا.

            ان کان پوءِ تقريبن 300 کان 400 سال اڳ جي دور ۾ ٽامي جا ٿانءَ، ڪٽ جا باسن ٺاهڻ جو هنر ڪشمير مدراس ۽ راجپوتانا کان ڪاريگرن هتي مورو ۾ آندو آهي، ڇاڪاڻ جو مورو ۾ آباد سوهو خاندان جا هن شهر ۾ ڪٽ جي سامان ٺاهڻ جا وڏا ڪارخانا هوندا هئا. جيتوڻيڪ هيءَ هنر هن وقت مورو ۾ قريب قريب ختم ٿي چڪو آهي. پوءِ به اڃا هڪ خاندان ان هنر کي جاري رکيو اچي ٿو.

ڪپڙي جي اڻاوت:

            هونئن ته سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت تمام قديم آهي ايتري قدر جو سنڌ جي ململ جو ذڪر سڪندر اعظم جي د*ر ۾ به ملي ٿو. ليڪن مورو جي سرزمين تي ڪپڙي جي ديسي آڏاڻن جو ذڪر تقريبن 4 صديون پراڻوآهي. هتي سوسي، جوڙي، گربي، انگوڇا، کاڌيءَ ۽ بافتي جو ڪپڙو ٺاهڻ جا، 60، 70 آڏاڻا ڪم ڪندڙ هئا. هن ڪرت کي ميمڻ ۽ ڪلهوڙا خاندان جا ماڻهو ڪندا هئا. جن کي ڪرت جي لحاظ سان ڪوري سڏيو وڃي ٿو.

کاڌو خوراڪ:

            مورو جي قديم لوڪن جو اڪثر گذارو ڏٿ تي ٿيندو هوندو هو، جنهن ۾ پڪا، پيرون، پسيون، ۽ ڏونرن کان علاوه، لوڻڪ، سرنهن، بصر ۽ جهل جون ڀاڄيون سچي سنڌي گيهه سان رڌيون وينديون هيون، عورتون پٿر جي جنڊ تي جوئر، ٻاجهري، چانورن ۽ ڪڻڪ جي ان جو اٽو وڏو عصر ڏيئي پيهنديون هيون ۽ جنهن کي دانگيءَ تي پچائينديون هيون مٽيءَ جي چاپهه يا مٽيءَ مان مارنگ ٺاهي انهن تي رڌ پچاءُ ڪنديون هيون، ماڻهو کير، مکڻ، ڏڌ گهڻو، مڇيءَ ۽ گوشت جو استعمال تمام گهٽ ڪندا هئا.

گهرن جي بناوت:

            مورو جي قديم لوڪن جي رهائش متعلق جيڪي روايتون ۽ آثار ملن ٿا انهن ۾ اهو معلوم ٿيو آهي ته قديم دور جا ماڻهو ڪچين اوڏڪين ڀتين جي چوڌاري، لوڙهن جي اولي اندر رهندڙ هئا. مٿي ڇانو لاءِ ڪٿي چونرا ۽ ڪٿي ڪرڙ جي پٽين ۽ ڪاٺ جي داسن مٿان سرن جي تيلين مان ٺهيل ڇپريون ۽ سرن جا پن ڏئي مٽيءَ جي تهه سان ليپو ڏئي رهندڙ هئي. پڪي سر جو استعمال مورو ۾ اجھ کان 300 سال اڳ تائين قطعي ڪو نه هوندو هو، رهڻ جا گهر جيتوڻيڪ تمام سادا هوندا هئا ليڪن انهن ۾ گرمي سرديءَ کان بچاءَ جو تمام پورو پور بندوبست ٿيل هوندو هو. مورو ۾ پڪي سر جو استعمال 300 سال کان پوءِ جو آهي جنهن ۾ ڪچين ۽ پڪين ٻنهي طرح جي سرن جو استعمال ٿيڻ لڳو.

            (هتي هيءَ ڳالهه تحقيق طلب آهي ته مورو جو اڪثر عوام پوکي راهي کوهن جي نارن تي به ڪندڙ هو مورو جي آسپاس زمين تي جيڪي کوهه آهن، انهن جي بناوت ۾ 16 ، 8 انچن جون وڏيون سرون پڪيون استعمال ٿيل آهن. آخر اهي سرون ڪڏهن ڪٿان ۽ ڪيئن پهتيون).

            مٿيون سڀ سماچار مورو جي سماجي زندگيءَ جو 800 سالن تائين جي قدامت جو آهي ان دور تائين هن بستيءَ جي آبادي ۾ سٺ ستر گهر هندن جا ۽ ٽيهارو کن گهر مسلمانن جا موجود هئا جن۾ ذات پات، رنگ، نسل يا هندو مسلم مذهبن جو ڪو امتياز ڪو نه هوندو هو، البت هندو لوڪ ڪجهه پراڻي ويدڪ ٻوليءَ ۾ لکپڙهه ۽ حساب ڪتاب رکندڙ هئا، ڪجهه مسلمان گهرن ۾ قران شريف جي تلاوت ٿيندڙ هئي. اڪثر هندو واپار ۽ گهور جو ڪم ڪندڙ هئا ته مسلمان وري پوک ۽ مال چارڻ سان گڏ هندن وٽ نوڪري ڪندا هئا.

            سمن ۽ سومرن جي دور ۾ جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ۽ آبادي ۾ واڌارو آيو ته هندن ۽ مسلمانن گڏجي هن ننڍڙي رهائش لاءِ ڏکڻ اولهه جي طرفن کي والاري پنهنجي لاءِ جايون جوڙيون ته هندن وري اتر اوڀر جي ڪنڊن تي والار ڪري پنهنجون جايون ۽ مندر قائم ڪيا. جنهن موجب اجھ کان 300 سال اڳ تائين مورو ۾ هندن جا وڏا ڪاروبار شروع ٿي ويا ۽ مسلمانن جا به ڪيترائي هنر مند قبيلا اچي مورو ۾ آباد ٿيا. هيءُ ئي اهو دور آهي جنهن ۾ هن سرزمينتي قاضي خاندان جي هڪ عالم فاضل طبقي جي سڪونت پنهنجا پختا اثر جھمائي چڪي هئي.

            هيءُ ئي اهو دور آهي جنهن ۾ هن سرزمين تي مسجدن جي تعمير ۽ مدرسن جي قائم ٿيڻ لاءِ بيشمار روايتون ۽ شهادتون ملن ٿيون، ان دور ۾ تدريس جو سلسلو عربي ۽ فارسي زبان ۾ ٿيندو هو. هن دور تائين مورو جي سرزمين تي هندن جي اڪثريت اقليت ۾ بدلجڻ لڳي ۽ مسلمان اڪثريت ۾ اچي ويا. مورو جي رهاڪن ۾ ان وقت تائين هيٺيون ذاتيون سڪونت پذيرٿي چڪيون هيون.

1. قاضي                        2. ميمڻ

3. سيد                            4. سرهيا

5. سومرا                        6. ٻرڙا

7. سوهو                         8. نول

9. سيهڙ                         10. سيال

11. ڪلهوڙا                      12. شيدي

13. شيخ                         14. پٺاڻ شيخ

15. ڪنڀر                         16. حجم

17. مڱڻهار                     18. سونارا

19. ماڇي                       20. ساٽي

21. پنور                        22. دايا ۽ لوهار

            مورو شهر جي سرزمين تي مٿين خاندانن ۽ ذاتين جي آمد سنڌ يا سنڌ کان ٻاهر جي مختلف هنڌن تان ٿيل آهي، ڪي خاندان ملتان ۽ سوات کان آيا ڪي روهڙي سکر شڪارپور کان اچي هتي آباد ٿيا. ڪي ڪشمير، بنارس، امرتسر ۽ ساوڙي کان پهتا. ڪي خاندان سيوهڻ ٽلٽي چنيچا ۽ ٺٽي کان علم جي پرچار، هنرمندي، وڻج واپار ۽ گذر معاش جي سلسلي ۾ اچي هتي آباد ٿيل آهن. (هي سمورا احوال مورو جي پيرسن طبقي جي ٻڌايل سيني به سيني منتقل ٿيل حقائق تي مبني آهي.)

            مٿين جملي روايتن جي لب لباب هن طرح آهي ته مورو شهر جو پڪو ڳوٺ نئين سرهندن ۽ مسلمان قبيلن گڏجي هڪ مٿاهين پٽ تي آباد  ڪيو هن ڳوٺ جي چوڌاري قديم دور جي اولياءُ الله جون هيٺيون مزارون هونديون هيون.

1.             حضوري پير، 2. بکر پير، 3. سهرو پير، 4. بارشاه اعتبار شاهه، 5. رحمت پير، 6.  بهرام جرار، 7. سخي باقر شاهه، 8. سخي ابراهيم شاهه، 9. بيگن پير، 10. خوشحال پير، 11. سوهو پاڙي وارو پير، 12. جوڳي احمد فقير، 13. جعفر درس، 14. سخي عالم شاهه، 15. خليفه عبدالواحد، 16. سيد جمال الدين، 17. حاجي مقيم، 18. مورڙيو فقير.

جڏهن ته مٿين مزارن مان مورڙيو فقير جي مزار جيڪا مورو شهر جي اولهه ۾ واقع آهي تاريخي حيثيت رکي ٿي ۽ هن وقت گهرن جي وچ ۾ گهيريل آهي. جعفر درس جي مزار موري جي پهرئين قديم قبرستان سان واسطو رکي ٿي جيڪا مورو جي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي اجھ به موجود آهي. ٽين مزار خليفه عبدالواحد جي آهي، جيڪا مورو جي اتر اوڀر ڪنڊ تي واقع آهي. موجوده دور جي قديم قبرستان سان واسطو رکي ٿي. چوٿين مزار سخي باقر شاهه، مورو جي اولهه ۾ واقع آهي جيڪا وچواري دور جي قبرستان سان هڪ مخصوص تاريخ جي حامل آهي.

ٻين مزارن مان صرف سخي عالم شاهه جي نالي سان شهر جي وچ ۾ واقع درگاهه کي مختصر تاريخي پس منظر آهي، باقي سڀ جون سڀ مزارون هن وقت به موجودآهن. ليڪن انهن جي تاريخي حقيقت اڃا تائين باقي آهي. 

 

 

 

 

 

Religious point of views of Moro People

 

مذهبي احوال:

            مورو شهر بنارس ۽ ڪاشيءَ جي ڀيٽا لاءِ ويندڙ ساڌن ۽ سنٿن جو مزهبي مرڪز هوندو هو. هتي جي وڏي مندر ۽ ٽڪاڻن جا ٻاوا ايندڙ مهمانن جي ڀرپور آجيان ڪندا هئا. مورو ۾ ڪي لنگبند نانگا ساڌو لوٽي هٿ ۾ کڻي وچ پاڻيءَ ۾ وڃي ٻيٽ نما چڪيءَ تي بيٺل پپر جي وڻ هيٺيان پاٺ پوڄا ڪندا هئا. انهن ٻاون ۽ نانگن جي سفر جي سامان ۾ صرف ڪندري لوٽو ۽ هڪ رلي ڪلهي تي هوندي هئي. سندن لڱن تي لنگ ٻڌل هوندو هو ۽ مٿي تي وڏو چوٽو ڇڏيل هوندو هون. هو جنهن وقت پاٽ پوجھا ۾ بيهندا هئا ته ڪندري کوڙي ان تي مٿو رکي بيهي رهندا هئا. ان حالت ۾ کين ٻه چار ڏينهن گذري ويندا هئا.

            (هندن جي هن طرح مذهبي پوجھا جو طريقو به نهايت قديم آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مورو ۾ قديم قومن جا ڪيئي هندو نسل ايامن کان آباد هئا.

            مورو ۾ آباد مسلمان مرد خواه عورتون تمام گهٽ هوندا هئا. هن سرزمين تي شيعي سنيءَ جو ڪو به تصور ڪو نه هوندو هو. مورو ۾ نهايت قديم مسجد جو ڪو به آثار يا روايت دستياب ڪا نه ٿي سگهي آهي. البت ڪي مزارون آهن جيڪي ستين صدي هجريءَ جون ٻڌايون وڃن ٿيون جن جو ذڪر اڳتي هلي ڪيو ويندو البت 300 کان 400 سال اڳ تائين جي دور ۾ هن سرزمين تي اسلامي تعليم، تهذيب و تمدن جو احوال سربستي انداز سان ملن ٿا جن

جو احوال ايندڙ صفحن ۾ داخل ڪيو ويندو

 

 

 

Complete Book

 

سرزمين تي هندن جي اڪثريت اقليت ۾ بدلجڻ لڳي ۽ مسلمان اڪثريت ۾ اچي ويا. مورو جي رهاڪن ۾ ان وقت تائين هيٺيون ذاتيون سڪونت پذيرٿي چڪيون هيون.

1. قاضي                        2. ميمڻ

3. سيد                            4. سرهيا

5. سومرا                        6. ٻرڙا

7. سوهو                         8. نول

9. سيهڙ                         10. سيال

11. ڪلهوڙا                      12. شيدي

13. شيخ                         14. پٺاڻ شيخ

15. ڪنڀر                         16. حجم

17. مڱڻهار                     18. سونارا

19. ماڇي                       20. ساٽي

21. پنور                        22. دايا ۽ لوهار

            مورو شهر جي سرزمين تي مٿين خاندانن ۽ ذاتين جي آمد سنڌ يا سنڌ کان ٻاهر جي مختلف هنڌن تان ٿيل آهي، ڪي خاندان ملتان ۽ سوات کان آيا ڪي روهڙي سکر شڪارپور کان اچي هتي آباد ٿيا. ڪي ڪشمير، بنارس، امرتسر ۽ ساوڙي کان پهتا. ڪي خاندان سيوهڻ ٽلٽي چنيچا ۽ ٺٽي کان علم جي پرچار، هنرمندي، وڻج واپار ۽ گذر معاش جي سلسلي ۾ اچي هتي آباد ٿيل آهن. (هي سمورا احوال مورو جي پيرسن طبقي جي ٻڌايل سيني به سيني منتقل ٿيل حقائق تي مبني آهي.)

            مٿين جملي روايتن جي لب لباب هن طرح آهي ته مورو شهر جو پڪو ڳوٺ نئين سرهندن ۽ مسلمان قبيلن گڏجي هڪ مٿاهين پٽ تي آباد  ڪيو هن ڳوٺ جي چوڌاري قديم دور جي اولياءُ الله جون هيٺيون مزارون هونديون هيون.

1.             حضوري پير، 2. بکر پير، 3. سهرو پير، 4. بارشاه اعتبار شاهه، 5. رحمت پير، 6.  بهرام جرار، 7. سخي باقر شاهه، 8. سخي ابراهيم شاهه، 9. بيگن پير، 10. خوشحال پير، 11. سوهو پاڙي وارو پير، 12. جوڳي احمد فقير، 13. جعفر درس، 14. سخي عالم شاهه، 15. خليفه عبدالواحد، 16. سيد جمال الدين، 17. حاجي مقيم، 18. مورڙيو فقير.

جڏهن ته مٿين مزارن مان مورڙيو فقير جي مزار جيڪا مورو شهر جي اولهه ۾ واقع آهي تاريخي حيثيت رکي ٿي ۽ هن وقت گهرن جي وچ ۾ گهيريل آهي. جعفر درس جي مزار موري جي پهرئين قديم قبرستان سان واسطو رکي ٿي جيڪا مورو جي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي اجھ به موجود آهي. ٽين مزار خليفه عبدالواحد جي آهي، جيڪا مورو جي اتر اوڀر ڪنڊ تي واقع آهي. موجوده دور جي قديم قبرستان سان واسطو رکي ٿي. چوٿين مزار سخي باقر شاهه، مورو جي اولهه ۾ واقع آهي جيڪا وچواري دور جي قبرستان سان هڪ مخصوص تاريخ جي حامل آهي.

ٻين مزارن مان صرف سخي عالم شاهه جي نالي سان شهر جي وچ ۾ واقع درگاهه کي مختصر تاريخي پس منظر آهي، باقي سڀ جون سڀ مزارون هن وقت به موجودآهن. ليڪن انهن جي تاريخي حقيقت اڃا تائين باقي آهي.

 

مورو جي هندن جو احوال

            هندو هن سرزمين جي سڀ کان قديم قوم آهن. سندن هن ڌرتيءَ تي آباديهندو راجائن جي دور جي آهي. هن سرزمين جا هندو قديم دور ۾ شومهراج جا پوڄاري هئا. ٻئي دور ۾ هتي جي ماڻهن جي ڌرم ٻڌست ٻڌايو وڃي ٿو. جنهن جو پڻ عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ تائين ٻڌايو ويو آهي. هتي ماڻهن جي روايتي امن پسندي ان جو دليل آهي.

            نئين دور جا هندو عربن کان پوءِ ڇڙوڇڙ واهڻن مان لڏي هن شهر ۾ ڪچي آبادي بنائي ويٺا آهن. جن جو مکيه ڪم کيتي راهي ۽ مندرن ۾ عبادت ڪرڻ هو. اهو سلسلو 400 سال اڳ تائين رهيو.

            400 سال کان پوءِ مورو جي واهڻن جي وسندين ڏانهن منتشر ٿي ويل هندو جاتيءَ جا قبيلا ٻيهر اچي مورو ۾ اباد ٿيا ڇاڪاڻ جو هاڻ انهن کي واهڻن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن وڏي ڳوٺ يا شهر ۾ ئي حفاظت نظر آئي. اهو سلسلو سمن ۽ سومرن جي دور تائين رهيو اهڙيءَ طرح هڪ اندازي موجب هن سرزمين جي هندو آبادي اٽڪل ٻه سئو گهرن تي مشتمل هئي ان کان وٺي ”مورو ۾ هندن جي هڪ وڏي درٻار هوندي هئي جنهن جا ساڌ سدائين خلق جي خدمت ۾ لڳل هوندا هئا. مک۾ سدائين رام نام هوندو هون درٻار ۾ ڪٿا، ڪير تن ۽ ننگر ته هر روز لڳندو هو جو هندو ۽ مسلمان پريم سان ڀري کائيندا هئا“.

            ٻاهران ايندڙ هندو ياتري پيادل سفر جون منزلون ڪري هن درٻار ۾ اچي ساهي پٽيندا هئا. موري جي هن تيرٿ جو احوال پيرسن طبقي بيان ڪندي ٻڌايو آهي ته مورو جي اوڀر اتر ڪنڊ تي (شهيد عبدالرا جي مزار کان فوٽ کن جي مفاصلي تي)، هندن جو وڏو مندر هوندو هو جيڪو سمن ۽ سومرن جي دور کان وٺي انگريزن جي حڪمراني تائين تمام اوج تي هوندو هو. پر پوءِ جڏهن انگريزن جي حڪومت جو خاتمو آيو ۽ 1947ع ۾ هندن کي هندستان وڃڻو پيو ته اهو مندر به ويران ٿي ويو آهي.

            هن مندر ۾ هندن طرفان هڪ وڏي مهمان سراءِ هوندي هئي. سندن عبادت لاءِ اعليَ طريقي جو انتظام ٿيل هو. ان ۾ هنومان گنيش مهراج، شري رام، ڪرشن مهراج، ڪالي ديوي جون مورتيون رکيل هونديون هيون. هن مندر جي اوڀر ۾ هڪ وڏو تلاءُ هوندو هو. جنهن جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ نما گول چڪرو ٺهيل هو جنهن جي وچ ۾ پير جو هڪ پربت نما وڻ بيٺل هئا. تلاءُ جي چوڌاري چار ڏاڪڻيون هونديون هيون، جن مان هڪ ڏاڪڻ مندر جي ڀر سان هوندي هئي. جتي مهمان مردن خواه عورتن لاءِ ڌار ڌار سنان ڪرڻ لاءِ حوض ۽ جايون ٺهيل هونديون هيون.

            ٻاهران ايندڙ ساڌو ۽ سنٿ وڏي فجر جو لوٽي هٿ ۾ کڻي تلاءُ جو پاڻي ٽپي ان ٻيٽ نما خشڪ چڪري تي بيٺل ٻٻر جي وڻ جي هيٺان وڃي عبادت ۾ بيهندا هئا. تان ته سج اڀري مٿي ٿيندو هو ته پوءِ هو واپس ورندا هئا.

            هندو جاتيءَ جا لوڪ هن تلاءُ کي هڪ نهايت پاڪ ۽ پوتر آستان تصور ڪندا هئا. جنهن مان سنان ڪرڻ ۾ کين گنگا جل جي خوشبوءَ محسوس ٿيندي هئي.

            ”هن مندر جي تلاءَ ۾ پاڻي درياهه شاهه جي هڪ ڦاٽ محبت واهه جي ڇڙي مان نڪرندڙ هڪ ننڍي ٻورڙي واهه کان ملندڙ هو جيڪو مورو جي اتر اوڀر ڪنڊ کان وهندڙ هو ۽ پوءِ شهر جو ڏکڻ وارو پاسو ڏئي شهر جي اولهه طرف کان ٻاهران ئي ٻاهران ڦري گابر جي نالي سان اچي وري اتر اوڀر جي ڪنڊ تي ساٿل کڏ ۾ وڃي ختم ٿيندو هيو“. ان دور ۾ مورو جي آسپاس زمينن کي پاڻي به انهن ٻنهي واهن مان ملندو هو.

            هندن جو ٻيو آستان موجوده تاج مسجد جي ڀرسان هڪ ميدان هوندو هو. جنهن جاءِ تي مورو جي هندو برادري پنهنجا مذهبي تهوار ملهائيندي هئي جنهن سان دسهڙو، هولي ۽ ڏياري جا ڏڻ ملهائڻ وقت هو سنوارجي سينگارجي ان ميدان تي مرد ۽ عورتون سڀ گڏ ٿيندا هئا ۽ خوشيون ملهائيندا هئا. سندن اهي خوشيون ۽ شادمانا ڏسڻ لاءِ هن شهر جا مسلمان پڻ ميدان تي ايندا هئا ۽ هندن طرفان جيڪي تلوڻ، پرساد يا مٺايون ورهايون وينديون هيون اهي مسلمان وڏي چاهه سان کائيندا هئا.

هندن جو ٽيون آستان  سيٺ منومل جي باغ لڳ، جيڪو مسلمانن جي موجوده عيد گاهه ڀرسان هوندو هو، اتي به هندن جا ڪي قبيلا پنهنجا مذهبي تهوار ملهائيندا هئا.

            هندن جو چوٿون آستان پراڻي شاهي بازار جي ڇيڙي وٽ موجود سومرا مسجد کان اٽڪل 150 فوٽن جي مفاصلي تي هوندو هو جنهن کي ساڌو رام جو ٽڪاڻو ڪري چوندا هئا. هي ٽڪاڻو به پنهنجي دور ۾ تمام گهڻو وسندڙ هو جتي هندو جاتي جا ٻاهريان مسافر اچي آرام ڪندا هئا.

            جڏهن ته سموري سنڌ اندر قديم دور کان واپار تي هندو سيٺين جو قبضو رهندو پئي آيو آهي. سنڌ کان ٻاهر جو ڏيساور پڻ انهن جي حوالي هوندو هو. انهن ڏيساور کي مال سپلاءِ ڪرڻ لاءِ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ مقيم هندن کي واپار لاءِ همٿايو ۽ اهڙي طرح مورو ۾ به هندو واپارين پيڊيون قائم ڪري هٿ واڻيا بڻجي فصل مان ملندڙ جنسون عام ضرورت وارين شين جي بدلي ۾ خريد پئي ڪيون. قديم دور ۾ هن سرزمين تي سڪي جي گردش ڪا گهڻي ڪا ڪا نه هوندي هئي. اڪثر واپار جنس جي بدلي جنس سان ٿيندڙ هو.

            سمن ۽ سومرن جي دور ۾ هتي جي آباد ٿيل هندو ۽ مسلمانن ۾ ايڪتا هئي. هو هڪ ٻئي سان مذهبي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ رواداري جو اصول سامهون رکندا هئا. هندن جي مرڻ تي کين مساڻن ۾ ساڙيوويندو هو. جنهن جا آٿار اڃا تائين موجود آهن. اها جاءِ هن وقت به شهر جي اتر اوڀر ڪنڊ تي اليڪٽرڪ آفيس جي پويان موجود آهي.

            اهڙي طرح مسلمان مرڻ کان پوءِ، ان جي جنازي کي دفن ڪيو ويندو هو. اهڙو قديم ترين قبرستان مورو شهر جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي جعفر درس جي نالي سان مشهور آهي ۽ موجود گرڊ اسٽيشن جي اوڀر ۾ اڄ به موجود آهي.

            مورو جي قديم هندو رهاڪن جي عروج جو احوال ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبيءَ ۾ ملي ٿو. جنهن ۾ هندو سيٺيون ۽ وڏا واپاري مورو ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا. جن مورو جي پراڻي شاهي بازار ۾ رونق لڳائي ڇڏي. هتي جي هندو واپاري ان دور ۾ مسلمانن جي معيشت کي پنهنجي مرضي موافق هلائيندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو اڪثر مسلمان هندن جا مقروض هوندا هئا ۽ غربت جي زندگي گذاريندا هئا.

”ميرن جي دور ۾ مورو شهر کي ساهتي پرڳڻي ۾ اهم حيثيت حاصل هوندي  هئي. هن دور ۾ مورو شهر ساهتي پرڳڻي جي اهم بيٺڪ هوندو هو. جتي هالا کان هالاڻي تائين جي راڄن جي ڇيڙي نبيري ٿيندي هئي“. مورو ۾ ميرن جا ديرا هوندا هئا جيڪي ديرڪي کڏ جي وٽ تي اوڀر طرف هوندا هئا.

مورو ۾ ڪلهوڙا حڪمرانن جو دور

            سمن ۽ سومرن جو دور ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪلهوڙا خاندان جو ميان يار محمد ڪلهوڙو سنڌ جي حڪمراني تي ويٺو. هن فريد ڀاڳت جي مدد سان ميان نصير محمد جي نوازيل فقير مان فوجي فقير ۽ عنايت شاهه وارن مڪن موري تي قبضو ڪيو ۽ سجھو ساهتي پرڳڻو سندس تصرف هيٺ آيو. ان ئي دور ۾ عباسي خاندان جي فيروز ويراڙ نوشهرو فيروز ٻڌايو. ميان يار محمد وري سرائين جي مدد سان گڏجي گچيرو فتح ڪيو. ميان نور محمد ڪلهوڙي موري کان 8 ميل اوڀر طرف محمد آباد نالي هڪ نئون شهر ٻڌايو.

            انهن مٿين حقيقتن مان هيءَ ڳالهه صاف ۽ واضح آهي ته مورو سرزمين ڪلهوڙن جي دور ۾ وڏي اهم حيثيت جي حامل هئي. هيءُ ئي اهو دور آهي، جنهن ۾ گهڻي کان گهڻا هنر مند ماڻهو ۽ واپاري هندو مورو شهر ۾ اچي آباد ٿيا آهن ۽ هن ئي دور ۾ مورو شهر جي مسلمانن کي اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سهولتون فراهم ٿيون آهن.

            مورو ۾ هن وقت جيڪي ڪلهوڙا مقيم آهن، اهي زوال پذير ڪلهوڙا خاندان جي باقيات مان آهن ۽ هڪ ڳوٺڙو شهري حدن اندر سندن نالي آهي.

مورو ۾ميرن جي حڪمراني جو دور

            ميرن جي صاحبي واري دور ۾ مورو ميران سنڌ جي اهم بيٺڪ هوندي هئي. ميرن جي چوياريءَ مان مير بجار خان ۽ ان جي مقرر ڪيل نائب جي مورو ۾ آمد اڪثر ڪري ٿيندي رهندي هئي. ۽ ساهتي پرڳڻي سان گڏ هالا کان مورو تائين جي سجھي علائقي جي عوامي معاملات جي ڇيڙي نبيري مورو جي ان بيٺڪ تي ٿيندي هئي، مورو شهر ۾ ديرڪي کڏ جي اوڀر واري ڪناري تي ميرن جا ديرا هوندا هئا، جتي هڪ مير جي ماڙي ۽ ڪمدار ڪاراون جي رهڻ جون جايون ۽ گودام هوندا هئا. مورو تعلقي ۾ ڌيرڻ، رعيتي، صالح پور، ڪينچي ڀنڀو ديرو، فريد ديرو، ڏيپارجا، گهنگهڻ، ٻورڙي ۽ ڳاڙهو نالن سان ميرن جون جاگيرون هونديون هيون.

            سمن ۽ سومرن جي دور تائين پراڻو داد واهه، جيڪو ٻوڏ جي پاڻيءَ جي ڇنڊڻ تصور ڪيو ويندو هو ان کي ميرن درياهه مان ڪڍي ان ۾ ٻارهن مهينا ئي پاڻي مهيا ڪيو. اهڙي طرح درياهه جي پاڻيءَ تي اڳي جيڪا هڪ فصلي پوک ٿيندي هئي، اها ٻه فصلي پوک بڻجي ويئي، جنهن ڪري مورو خواهه آسپاس جي هارين نارين ۾ خوشي جي لهر دوڙي ويئي، ڇاڪاڻ جو سندن آمدني ۾ واڌارو آيو ۽ مورو جو زراعت پيشه رهاڪو خوشحال بڻجي ويو، جنهن جو واپار ۽ ٻن ڌنڌن تي تمام گهڻو اثر پيو ۽ مورو جي آبادي ۾ چڱو خاصو واڌارو آيو. ان دور ۾ ميرن پنهنجي جاگيرن تي وڏا وڏا ڪوٽ تعمير ڪرايا ۽ شڪارگاهون قائم ڪيون هيون جتي عام طرح مير صاحبان سياري جي موسم ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. اهڙن ڪچن 5 ڪوٽن جا احوال ۽ نشان اڄ تائين به موجود آهن. جن مان ٻه ڪوٽ هڪ سرڻيءَ جو ڪوٽ ۽ ٻيو ميرڻ جو ڪوٽ مورو کان اولهه ۽ اتر اوڀر ۾ 3، 4 ميلن جي مفاصلي تي اڃا موجود آهن، جن جي قدامت بابت اڃا تحقيق ٿي رهي آهي. گمان آهيته اهي ٻئي ڪوٽ ميرن کان گهڻو آڳاٽا آهن، پر سندن صاحبي جي دور ۾ سندن تصوف هيٺ هوندا هئا. مورو شهر ۾ بدر شاهه جي مسجد ۽ هڪ کوهه پڻ ميرن جي هڪ عام مختيار بدر شاهه جو ٺهرايل آهي، جنهن جي اولاد مان سيد شيرل شاهه ساڪن ٽندو مير غلام حسين، حيدرآباد جي دور کان وٺي مورو ۾ ميرن جي آمدرفت جا مستند احوال ۽ مصدقه روايتون موصول ٿيل آهن.

            ميرن جي آخري دور تائين مورو جي مسجدن ۾ مڪتب، مدرسا ڪثرت سان قائم ٿي چڪا هئا، جنهن ۾ مورو جي ٻارن کي عالم سڳورا روزانو قرآن شريف جو درس ڏيڻ سان گڏ عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏيندا هئا.

            هن دور جو هڪ اهم واقعو مورو جي هڪ خاندان سان درپيش آيو. جنهن ۾ مورو جي هندو خواه مسلم عوام جو ميرن جي هڪ صاحبزادي سان سڌو سنئون تصادم ٿي پيو ۽ مورو جي ماڻهن متحد ٿي چيلهه تي سندرا ۽ مٿن تي ڪارا پٽڪا ٻڌي، سمهه هڻي صداءِ احتجاج بلند ڪئي ۽ هي اکر اچريا. ”آهه لڳي باهه اُلا عرش اُڏاڻا“ جنهن جي نتيجي ۾ مورو مان ميرن جي بيٺڪ نه رڳو ختم ٿي ويئي، پر ترت ئي انگريزن سنڌ تي حملو ڪري ميرن کي شڪست ڏني.

 

مورو ۾ انگريز حڪومت جو دور

            سنڌ ۾ انگريز حڪومت جو دور 1843ع کان شروع ٿيو ۽ 1947ع تي ختم ٿئي ٿو. مورو جي تاريخ، مٿئين هڪ سئو سالن جي دور ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. (در حقيقت مورو شهر جي صحيح ۽ مستند تاريخ جا سچا احوال اسان کي هن دور ۾ تمام ڪثرت سان ملن ٿا.

            راقم الحروف 1966ع ۾ جڏهن هن سلسلي کي شروع ڪيو هو، ان وقت 108 سالن جي هڪ پيرسن هن دور جا سربستا اکين ڏٺا احوال ڏينهن جا ڏينهن ويهي ٻڌايا هئا. سچ ته هي آهي ته جيڪڏهن مون کي ان عمر رسيده بزرگ جي صحبت حاصل نه ٿئي ها ته اڄ هي تاريخ اسان وٽ هرگز جمع نه ٿي سگهي ها. هن دور جو احوال ڪٺو ڪرڻ ۾ منهنجو رهبري سيد جعفر علي شاهه، قاضي محمد اڪبر، مرحوم سيد امام بخش شاهه، وڏيره خاوند ڏنو خان شيخ، مرحوم عبدالهادي ميمڻ، مرحوم محمد ڇتل سرهيو، سائين رستم خان، مرحوم قاضي محمد سليمان، حمزو خان ڪنڀر، محمد جڙيل بولاڻي، مرحوم عبدالخالق ميمڻ، مرحوم احمد بخش ميمڻ، مرحوم الحاج خدا بخش ڪمالاڻي، مرحوم عبدالرحمان هاشمي، سيٺ محمد حاجن ميمڻ، مرحوم محمد ابراهيم درس، مرحوم محمد خان ميمڻ ۽ مرحوم محمد پريل مطلب ته مورو جو جيڪو به وڏي عمر وارو ماڻهو ڏسندو هوس ته ڪتاب کڻي ان جون ياداشتون لکندو ويندو هوس.

            اهڙي طرح انگريز دور جي هڪ سئو ساله عرصي بابت جيڪو به احوال مٿين صاحبن کان ورتل آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ شبهي جي ڪا گنجائش موجود ڪا نه آهي.

            مورو شهر ۾ اڪثر سرڪاري آفيسون مثلن پوسٽ آفيس، روينيو آفيس، اسڪول، ريلوي اسٽيشن، ڍڪ، پاڻي کاتي جي آفيس، پوليس ٿاڻو سينيٽري ڪميٽي ۽ سياسي تحريڪون، موري جي مذهبي ۽ سماجي زندگيءَ جا سربستا سماچار هن ئي هڪ سئو ساله دور ۾ مستند طرح ملن ٿا.

            مورو شهر جي تاريخ ۾ هن دور جي حالات تي جيترو فخر ڪجي سو گهٽ آهي ڇاڪاڻ جو هن دور ۾ مورو کي جيڪي تاريخ ساز شخصيتون ملن ٿيون انهن جو تاريخي ڪردار هند سنڌ ۾ مشهور آهي. انهن مان ڪن چند اهم شخصيت جا نالا ڏجن ٿا.

  1. ڊپٽي قادر داد خان پٺاڻ (سرڪاري ڪامورو)
  2. قاضي خدابخش ميئر ڪراچي (سياسي شخصيت)
  3. قاضي فيض محمد عرف چاچا پاڪستاني (سياسي شخصيت)
  4. قاضي عبدالخالق عرف خليق مورائي (علمي ادبي شخصيت)
  5. سانوڻ خان صوبيدار (موري جو ڪامورو)
  6. گل محمد لوهار (مورو جو هنر مند)
  7. ديوان ويسا سنگهه (لائق استاد)
  8. وڏيرو آلو (مال جي بيمارين جو ڄاڻو)
  9. وڏيرو محمد خان دوم (اهم سماجي شخصيت)
  10. سيد امام الدين شاهه (اهم سماجي شخصيت)

هي سڀ صاحب خدا داد لياقتن جا ماهر هئا ۽ انهن سڀني جو مورو جي علمي ادبي، سياسي سماجي ۽ فني ڪارجن سرانجام ڏيڻ ۾ وڏو هٿ رهيو آهي.

 

انگريز دور ۾ عام سماجي زندگي

            انگريزن جي دور حڪومت شروع ٿيڻ وقت مورو مڪمل طرح سان هڪ پڪي شهر جي صورت ۾ موجود هو جنهن ڪچا پڪا اٽڪل 300 کن گهر هندن جا هوندا هئا، ۽ ڇهه ست سئو کن گهر مسلمانن جا آباد هوندا هئا. هن شهر جي آبادي پنجن هزارن جي لڳ ڀڳ هئي. مسلمانن جا ڌار ڌار وڏا ويڙها هوندا هئا ۽ راجھن جا ڀاڙا يا محلا مشهور هوندا هئا. سجھو سماج برادرين ۾ورڇيل هوندو هئو. هندن ۽ مسلمانن جو پاڻ ۾ ايڪو هوندو هو. مسلمانن جي هر هڪ پاڙي ۾ هندن جا به ڪي گهر موجود هوندا هئا. شهر جي عام ڪاروبار لاءِ هڪ وڏي شاهي بازار هوندي هئي. جيڪا سجھي ڪاٺ جي ڇت سان ڍڪيل هوندي هئي. جنهن جي مڪمل فرشبندي هوندي هئي. ان ۾ هندن جا تمام گهڻا دوڪان هوندا هئا. مسلمان دوڪانداريءَ ۾ تمام ٿورا ۽ مختصر هوندا هئا. ان شاهي بازار جي ڊيگهه اٽڪل هڪ فرلانگ جيتري هوندي هئي. جنهن ۾ 200 کان 250 کن دوڪان ۽ هٽ هوندا هئا. هنن دوڪانن تان ضروريات زندگيءَ جون اڪثر شيون ملي وينديون هيون. ان کان سواءِ پاڙي جي گهٽين ۾ به گهورڙيا شيون کڻي وڪڻي ويندا هئا.

            ان دور ۾ خاص خاص دوڪان هن طرح هوندا هئا.

  1. ريزڪي وکر جا هٽ
  2. اناج جون پيڊيون
  3. لوڻ جي منڊي
  4. کنڊ ۽ ڪنٽرولي ڪپڙي جا دوڪان
  5. ٻوٽن ۽ جيتن ٺاهڻ جا دوڪان
  6. ڪپڙو سلائي ڪرڻ وارن جا دوڪان
  7. چمڙو وڪرو ڪرڻ جا دوڪان
  8. ڪٽ ۽ جست جي ٿانون جا دوڪان
  9. اناج ۽ چانورن جا دوڪان
  10. حڪمت خانا ۽ شفا خانا
  11. اجرڪ ۽ چادرن تي ڇرڪرڻ وارن جا دوڪان
  12. پنساري جو دوڪان
  13. ٺڪر جي ٿانون جا دوڪان
  14. لوهارن جا دوڪان
  15. واڍن جا دوڪان
  16. حجمن جون پڙيون
  17. سونارڪي ڪم جا دوڪان
  18. گوشت جا دوڪان
  19. ٻاررن جي شين ۽ رانديڪن جا دوڪان
  20. ڀلو مڇي وڪڻندڙ مهاڻن ۽ ساٽين جا دوڪان
  21. چوڙين ۽ ٻانهين جا دوڪان
  22. سٽ، پٽ، سڳين ۽ عطر جا دوڪان
  23. سوڍا ليمن ۽ جهينجهر بوتل جو دوڪان
  24. گدرن، نارگين ۽ فروٽ جا دوڪان
  25. ڀاڄين جا دوڪان
  26. ٻوڙ مانيءَ جو هٽ (نانوائي)
  27. ڪپهه ڪتڻ ۽ صاف ڪرڻ جو دوڪان
  28. ديسي ڪپڙي جي وڪڻڻ جا دوڪان
  29. پن جي ٻيڙين ٺاهڻ جو ڪارخانو ۽ دوڪان
  30. واڻ ۽ پيس مان ٺهندڙ شين جا دوڪان

هن دور ۾ انهن دوڪانن کان علاوه هيٺيون گهرو صنعتون پڻ وڏي پئماني تي قائم ڪيل هيون.

  1. ڪپڙي اڻڻ جا آڏاڻا
  2. ڪٽ جا ٿانءَ ٺاهڻ جا ڪارخانا
  3. جنڊيءَ جو هنر
  4. ڪنڀارڪي ڪم جي آوي
  5. ڇر ۽ رڱاوت جي ڪم جي صنعت

 

ڪپڙي اُڻڻ جا آڏاڻا

            هي صنعت مورو جي قديم ۽ اوائلي صنعتن مان هڪ آهي. هن صنعت جو باني ڦلن جي ڀرسان هڪ ڳوٺ وسينءَ جو رهاڪو هو. جيڪو اتان هجرت ڪري مورو ۾ مقيم ٿيو هو ان جي خاندان هتي ڪورڪو ڪم شروع ڪيو. انگريز دور ۾ ملو محمد عمر هوندو هو. سندس دور ۾ مورو شهر ۾ ٽيهن کان وڌيڪ آڏاڻا قائم ٿيل هئا، جن تي سوسي، گربي، جوڙي، انگوڇا، بافتو ۽ ململ ڪپڙي جي اڻاوت ٿيندي هئي. هتي جو تيار ٿيل مال سنڌ جي اهم ۽ مکيه شهرن کان سواءِ پرڏيهه ڀارت ورش جي مکيه شهرن ڏانهن پڻ ويندو هو.

            ”ملو محمد عمر نهايت درويش صفت نيڪ مرد هوندو هو جنهن لاءِ روايت آهيته هن پيرين پيادل ست حج ڪيا هئا“ (هتي ان ڳالهه جو گمان ٿو ٿئي ته ملو محمد عمر قافلي ذريعي پنهنجي آڏاڻن ۾ تيار ٿيل ڪپڙو واپار سانگي عرب ڏانهن کڻي ويندڙ هوندو ۽ اهڙي واپاري دوري دوران هن کي ستن حجن جي سعادت حاصل ٿي هوندي).

            جڏهن انگريز دور ۾ ڪارخانن تي ڪپڙو ٺهڻ شروع ٿيو ان کان پوءِ آهستي آهستي مورو مان هن صنعت کي زوال آيو. گذريل 28 سال اڳ تائين مورو ۾ صرف هڪ ٻه آڏاڻا وڃي بچيا هئا. جن تي محمد فضل ڪلهوڙو ڪورڪو ڪم ڪندو هو. ان جي وصال بعد هيءَ صنعت مورو مان بلڪل ختم ٿي ويل آهي.

 

باب ٻيون

مورو جي قديم راڄن جو احوال

            مورو شهر جي قديم سرزمين تي جيڪي قديم راڄ اباد ٿيل آهن، انهن جي فهرست مٿين صفحن ۾ ڏنل آهي. هتي انهن جو مختصر احوال قلمبند ڪجي ٿو.

قاضي خاندان:

            معتبر ۽ مستند تاريخي روايتن جي آڌار تي مورو ۾ قاضين جو خاندان مغل دور جي شاهجهان بادشاهه جي حڪمرانيءَ کان به ڪجهه آڳاهون آهي.

            هيءَ خاندان ملتان کان اچي مورو ۾ سڪونت پذير ٿيل آهي. هن خاندان جي بزرگانه ۽ عالمانه صحبت مورو شهر جي تاريخ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. سندن زهد و عبادت تقويَ ۽ پرهيزگاري کي ڏسي ۽ سندن تعليمات جي اثر هيٺ ڪيترائي هندو ماڻهو مسلمان ٿيا. مورو جي رهاڪو اڪثر مسلمانن جي ديني تعليم جو سهرو به هن خاندان جي سر تي رکيل آهي. کنيارين وارن صديقي بزرگن جي ڪري مورو ۾ هيءَ خاندان قاضي ۽ خليفي جهڙن ممتاز ۽ معبتر عهدن تي پهتل آهي. هيءُ خاندان اسلامي فقه ۾ سنديافته، علم طب ۽ حڪمت ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. سندن سلسلءِ نسب حضرت جنيد ڀرڪيي ۽ ذڪريا سان ملي ٿو. سندن علم جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ کان اٽڪل ٻه سئو سال اڳ تائين ديني علوم ۽ طب حڪمت تي هن خاندان جي بزرگن جون ڪيتريون ئي نادر تصنيفون، قلمي نسخن جي صورت ۾ موجود آهن. مخدوم محمد طاهر کان پوءِ سندس ڀائٽي قاضي ميان شاهه محمد ثاني جو نشان ملي ٿو. جنهن جي مزار مورو کان ٻاهر هڪ قديم مقام ۾ موجود آهي. جنهن تي وفاق جو سن 1070 هجري لکيل آهي. جيڪو ڪتبو ٺٽي مان ٺهي آيو هو. خليفي عبدالواحد صاحب ان جو پوٽو هو جيڪو هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. ان مقام جي زمين به خود قاضي صاحبان جي ملڪيت هئي. هن خاندان مان قاضي ميان دين محمد سن 1854ع ۾ حيدرآباد جو مختيارڪار هو ۽ مورو جي وڏن زميندارن مان هڪ هو. مورو جي قديم شاهي بازار جي اترئين ڇيڙي وٽ سندن ويڙهو هوندو هو، جيڪي جايون هاڻ ٻين وٽ آهن. هن خاندان جو مخدوم ميان عبدالرئوف پڻ هڪ متقي ۽ پيرهيزگار بزرگ هوندو هو. هن بزرگ جا فرزند پڻ وڏا عبادت گذار نيڪ عالم فاضل ٿي گذريا آهن. جن مان مولوي محمد صادق هن صديءَ جو هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. عام دنيوي معاملات ۾ هن خاندان جو هيٺيون شخصيتون اهم ٿي گذريون آهن.

  1. قاضي خدابخش: ڪراچي جو پهريون مسلمان ميئر.
  2. قاضي عبدالوهاب عزيز: مورو ۾ پنهنجو شفاخانو قائم ڪيل اٿس. هيءَ صاحب اداره روح ادب جو قائم ڪندڙ آهي. تمام وڏو ادم پرور آهي. سنڌجي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اديبن ۽ شاعرن سان سندس خط و ڪتابت اڄ تائين جاري رکندو اچي ٿو.

 

فوٽو ۽ نقشا

 

  1. قاضي انور احمد: مشهور وڪيل ۽ علمي ادبي شخصيت آهي، تازو وفات ڪري ويل آهي. ڪاليج سوسائٽيءَ جي صدر جي حيثيت سان سندس ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن.
  2. قاضي قمر الدين ۽ نور الدين: مشهور صحافي، زميندار ۽ وڪيل هن وقت قاضي خاندان مان قاضي فضل الحق، مظهر الحق، عبدالحق، نذير احمد، مشتاق احمد، سراج الحق، اقبال احمد، شوڪت حيات ۽ خالد حيات، سرڪاري ملازمتن ۾ نهايت اهم ۽ وڏن عهدن تي فائز آهن ۽ سڀ نڍا تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

قاضي خاندان جي هڪ ٻي شاخ منجهان قاضي محمد علي اختر مورائي ۽ ان جا فرزند خليل الرحمان، سعيد الرحمان ۽ عتيق الرحمان مورو جا تمام ذهين نوجوان اهن ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ وڏن عهدن تي آهن.

سومرن جو راڄ

            مورو ۾ سومرا ذات جا 9، 10 ڪٽنب آباد ٿيل هئا. جيڪي هن سرزمين تي اٽڪل ٻه صديون اڳ کان آباد ٿيل ٿا ڏسجن. جن مان ڪي رڱاوت جو ڪم ڪندڙ هئا ته ڪي کنڀ چاڙهيندڙ هئا. مورو ۾ سومرا راجھ جي هڪ شاخ واڍڪو ڪم ڪندڙ به موجود هئي. هي سڀ پورهيت طبقي وارا راجھ حالات ۽ حادثات جو شڪار ٿي مورو جي سرزمين تي ميرن جي دور ۾ پهتل ٿا ڀانئجن. ڪافي تحقيق کان پوءِ انهن آڪهن جو شجرو ترتيب ڏيندي معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ راجھ جا هيٺيان بزرگ مورو ۾ سڪونت پذير ٿيل آهن. ٻڍل، اڱڻ، موليڏنو، سومر خان، محمد بچل، عبدا: خان ۽ احمد خان سومرو هي سڀ خاندان پنهنجي ڪٽنب جا وڏڙا بزرگ هئا.

            هنن آڪهن مان ڪن جو تعلق دودي سومري جي سومرا خاندان جو هڪ عالم فاضل بزرگ، قاضي الهه اوڀايو سومرو مورو ۾ سڪونت پذير ٿيل هو جنهن دڙي واري مسجد ۾ درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪيو.

            قاضي خاندان هن درويش جي تقويَ ۽ پرهيزگاريءَ کي ڏسي ساڻس عزارت جا تعلقات قائم ڪيا.

            سومرن جي هنرمند ۽ پورهيت طبقي ۾ رڱاوت ۽ ڪپڙي تي ڇر ڪرڻ جو ڪم نهايت اعليَ نموني جو ٿيندو هو، جيڪو مورو جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ان ڪم جا ماهر ڪاريگر الهه بخش سومرو، حاجي محمد ابراهيم ۽ حاجي عبدالمجيد هوندا هئا. هن وقت هن راڄ جي پورهيت طبقي مان ڪافي ماڻهو لکي پڙهي سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿي ويل آهن. اهڙيءَ طرح اڄ اهو دور آهي جو ڇر ۽ رڱاوت جي قديم تاريخي صنعت مورو مان ختم ٿي ويل آهي. قديم سومرا راجھ ۾ ڪو به کنڀ چارهيندڙ ڪو نه رهيو آهي. هن وقت سومرن جا پڙهيل نوجوان سٺن ڌنڌن ۽ عهدن تي ڪم ڪندڙ آهن.

  1. مرحوم ميان عبدالرحمان سومرو هڪ بهترين استاد هو جنهن مورو تعلقي جي جاگرافي لکي ڇپائي پڌري ڪئي. ان جو هڪ فرزند غلام حسين سومرو موري جو بهترين ٽيلر ماسٽر آهي ۽ ٻيو پٽ غلام محمد بهترين آرٽسٽ آهي. ٽيون پٽ انڊس گئس ۾ ملازم آهي.
  2. ميان عبدالجبار ائڊوڪيٽ: هن صاحب مورو ۾ سول ڪورٽن ۽ جڊيشل ڪالوني قائم ڪرائڻ ۾ تاريخ ساز خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
  3. مسٽر غلام نبي: نيشنل بئنڪ ۾ زونل آفير آهي.
  4. مسٽر فتح محمد: نيشنل بئنڪ ۾ ڪيشئر آهي.
  5. مرحوم غلام محمد: صوبيدار جي عهدي تان وفات ڪئي.  سندس فرزندن مان سليم، شميم ۽ جميل اقبال تعليم ياته آهن.
  6. مسٽر عطا محمد سومرو: هن وقت انگلستان ۾ مقيم آهي.
  7. مسٽر فيض محمد ۽ فيض محمد سومرو: بهترين استاد آهن.
  8. مسٽر غلام رسول سومرو: پوليٽيڪل سائنس ۾ ليڪچرار آهي.

فوٽو ۽ نقشو

  1. ڊاڪٽر عبدالرزاق: سعودي عرب ۾ ملازم آهي.
  2. ڊاڪٽر عبدالڪريم سومرو.
  3. عبدالعليم سومرو، واپڊا ۾ الڪيٽرڪ انجنيئر آهي.
  4. مرحوم محمد هارون سومرو: مورو شاگرد تحريڪ جو اڳواڻ ايم اي پاس ڪيائين پر واڍڪو ڪم نه ڇڏيائين. آخر ۾ ايڪسائيز ٽيڪسيشن آفير ٿيو ۽ بيمار ٿي وصال ڪيائين جنهن جو احوال سندس سوانح حيات ۾ ايندو.
  5. مرحوم محمد سومر هڪ ڪامياب استاد سندس اولاد نوڪرين ۽ ڪاروبار ۾ رڌل آهي.
  6. هڪ ڪامياب رٽائر استاد: مرحو محمد سليمان: جو فرزند شهيد عبدالرزاق سومرو شهر جي هڪ عظيم تاريخ ساز شخصيت آهي.
  7. مسٽر عبدا: سومرو: ڪراچيءَ ۾ اعليَ عهدي تي فائز آهي.

هي سڀ صاحب مورو ۾ مقيم سومرن جي پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ آهن. اجھڪلهه ڪافي خوشحال آسودي زندگي گذاري رهيا آهن.

ميمڻ راڄ جو احوال:

            مورو ۾ سڀ کان قديم ٻرڙا ۽ ميمڻ ذاتيون ٻڌايون وڃن ٿيون، قديم روايتن ۽ اهڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته ميمڻ راڄ جا ڪجهه واپاري قبيلا ۽ ڪجهه زراعت پيشي خاندان ۽ هنرمند ڪاريگر وري درياهي رستي ٺٽي کان پنهنجو چوپايو مال ڪاهي مورو سرزمين ۽ آسپاس ايراضين ۾ سڪونت پذير ٿيل هئا. جيڪي پوءِ آهستي آهستي ميرن ۽ ڪلهوڙن جي دور تائين هن شهر جي حدن اندر پنهنجا گهر ٺاهي ويٺا. ميمڻ راجھ جي آڪهن جا نالا سندن وڏڙن پويان آهن. گاگناڻي سجھڻائي، ميراڻي، آلاڻي، ٻولاڻي ٻڍاڻي، جبيراڻي، ڪمالاڻي ۽ ڪوري ميمڻ.

گاگناڻي ميمڻ:

            (سانول جو ويڙهو) هيءَ راڄ مورو جي قديم رهاڪن مان هڪ آهي. هن راڄ جو اصل وڏو وڏيرو گاگن، ڪجهه زمينن جي ٽڪرن جو مالڪ هو. سندس زمينن تي پوک نارن تي ڪئي ويندي هئي. ان جي اولاد مان سانول خان ۽ ڀنڀو خان انگريزن جي دور ۾ پنهنجي راڄ جا چڱا مڙس هئا. ان ڪري هن ويڙهي وارن کي سانول جو ويڙهو يا ڀنڀاڻي ميمڻ ڪري سڏيو ويو آهي.

            تعليم عام ٿيڻ کان پوءِ هن ويڙهي جو نئون نسل زمينداري، واپار ۽ ملازمتن ۾ رڌل آهي. هن ويڙهي جون سڀ آڪهون خوشحال ۽ مڇي مانيءَ واريون آهن.

            مسٽر رسول بخش ميمڻ هن ويرهي مان هڪ سٺو ۽ سلڇڻو سماجي ورڪر ۽ سياسي ڪارڪن آهي. نئين ٽهيءَ ۾ عبدالحق ميمڻ علمي، ادبي ۽ سماجي طرح سان هر دلعزيز حيثيت رکي ٿو.

سڄڻاڻي ميمڻ

            ميمڻ راڄ جي هيءَ شاخ ميرن جي دور کان آڳاٽي هن سرزمين تي آباد ٿيل آهي ۽ مورو جي ٽن وڏن ويڙهن مان هڪ آهي. هن راڄ جو وڏو رحمت اڄ پنهنجي ڀائٽي سڄڻ خان سان گڏجي مورو ۾ سڪونت پذير ٿيو.

            هيءُ ويڙهو مورو جي مرڪز ۾ هڪ وڏي مٿاهين جاءِ تي آباد ٿيو. جتي رڳو کٻڙ بيٺل هئا ڪي جهونڙا هن ميمڻ شاخ کي کٻڙ وارو ويڙهو به ان ڪري چوندا آهن، جو اتي کٻڙ جو هڪ شاهي وڻ بيٺل هوندو هو. هن ويڙهي جي وڏڙن کي زمينن جا ٽڪرا هوندا هئا، جيڪي پاڻ آباد ڪندا

 

نقشو

 

هئا. جڏهن تعليم عام ٿي ته انهن جو اولاد پڙهي لکي اعليَ نوڪرين تي لڳل آهي. سانوڻ خان پوليس انسپيڪٽر، جنهن هن تر جي نامياري ڌاڙيل گوال کي گرفتار ڪيو هو، سو به هن ويڙهي سان تعلق رکندڙ هو. ميان عبدالفتاح ميمڻ هن ويڙهي جو هڪ نهايت هوشيار ۽ ذهين هيڊ ماستر آهي. محمد سليمان ميمڻ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جو آفيسر آهي.

            مرحوم حاجي محمد صالح ميمڻ ۽ ميان غلام حسين ميمڻ ۽ هن ويڙهي جا معزز فرد هئا.

آلاڻي ميمڻ:

            مورو ۾ هيءُ راجھ ميرن کي ڪجهه آڳاٽو آهي، ڇاڪاڻ جو هڪ روايت موجب هن خاندان جي ميرن سان اڻ بڻت ٿي پئي هئي، جنهن ۾ مورو شهر جي بزرگن ۽ عوام آلاڻي خاندان جو ساٿ ڏنو ۽ احتجاج ڪندي ـآهه لڳي باهه الا عرش اڏاڻا“ جي آلاپ سان چيلهه ۾ سندرا ٻڌي سمهه هنئي هئي. چون ٿا ته ان بددعا کان پوءِ ترت ئي ميرن جي صاحبي ختم ٿي ۽ انگريز قابض ٿيا.

            هن خاندان جو مشهور وڏو آلو خان هو. سندس اولاد آلاڻي ميمڻ جي ذات سان مشهور آهي. هن راڄ وٽ پنهنجو چوپايو مال، رزق تمام جهجهو هوندو هو ۽ هو مال جي بيمارين جو وڏو ماهر حڪيم هوندو هو. پري پري کان مال ڪاهي وٽس علاج لاءِ ايندا هئا. گذريل ٽيهه سال اڳ تائين هن خاندان جي هڪ خاتون به چاپايو مال جو علاج ڪندي رهندي هئي. جيڪا هاڻ وفات ڪري وئي آهي. ان بعد هيءَ ڏات هن راڄ مان ختم ٿي ويل آهي. هن راڄ مان محمد هاشم آلاڻي پهرين مورو جي نئين انگريزي اسڪول ۾ نائب ماستر هو. هو ڪٻٽي راند جو بهترين رانديگر هو. پوءِ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاهه جو انجنيئر ٿيو جنهن تازو 2 سال اڳ وصال ڪيو آهي.

مولاڻي ميڻ:

            حاصل ٿيل مستند روايتن موجب هن راڄ جي وڏن مان ڪوڙو خان ميمڻ ۽ مٺو خان ميمڻ ميرن، ٽالپرن جي دور ۾ هن سرزمين تي سڪونت پذير ٿيا. انهن جي والد جو نالو (ولڙو) بولو هو، جنهن ڪري بولاڻي ميمڻ سڏجن ٿا، ڪوڙي کي ٽي پٽ هئا. جنهن مان بولو ثاني انگريز دور حڪومت ۾ ڪمشنر بهادر جي ڪرسي نشين هو. وڏو زميندار ۽ مال متاع وارو ماڻهو هو. مٺي جي پٽ جو نالو صابو هو، جيڪو حمال ڪندو هو. سندس طاقت ۽ پهلوانيءَ جا ڪيترائي واقعا مشهور آهن. وڏيري بولي لاءِ مشهور آهي ته هو جهار هڪليندي اڇليل ڳوڙهي سان پکيءَ کي به ماريندو هو. مال جي ڪتر جو اهڙو ته ماهر هو جو لونگي اڏيءَ تي رکي گاهه جي ڪتر ڪندو هو ته ڪڏهن به ڪهاڙي گاهه کان ٽپي لونگي تائين نه پهچندي هئي ۽ سڄو گاهه ڪتر ٿي ويندو هو. لونگي ڪنهن به ٽڪ کان سواءِ صحيح سلامت رهندي هئي. وڏيري بولي جو پٽ محمد جڙيل اول وري مينهن جو ڀاڳيو هوندو هو. سندس وٿاڻ تي هر وقت 60، 70 سٿا مينهون موجود هونديون هيون. هر هڪ مينهن تي نالو رکيل هوندو هو. ڏُهائي وقت نالو وٺندو هو ته اها مينهن سندس ڀرسان هلي ايندي هئي. پوءِ ان کي ڏهندو هو. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته سندس مينهون چور ڪاهي ويا ۽ وڏن لوڙهن ۽ ڍينگرن جي هيٺان ٿمي ڇڏيائون محمد جڙيل پنهنجي گهر واري کي چيو ته ايستائين سهاڳ واري نٿ لاهي ڇڏ، جيسين منهنجو مال موٽي اچي. پوءِ هو پيرا کڻي هڪ ڳوٺ ۾ پهتو ڳوٺ وارن کي چيائين ته مون کي پنهنجي ڪنڍين جي ڇيڻن جي خوشبوءِ هن ڳوٺ مان پئي اچي، مون کي مال موٽائي ڏيو. ڳوٺ وارن نٽ نٽاءُ ڪيو، جنهن تي پاڻ نالا وٺي مينهن کي وڏي واڪي سڏ ڪيائين. مينهون سڏ ٻڌي مڙسان تار لوڙها سنڱن تي کڻي پنهنجي مالڪ وٽ پهچي ويون. ڳوٺ وارا نهايت شرمندا ٿيا ۽ مال موٽائي ڏنائو“ چون ٿا ته محمد جڙيل (اول) رات ڏينهن پنهنجي مال سان هوندو هو. سمهڻ مهل سجھو مال سندس چوڌاري گول چڪر هڻي ويندو هو انسان ۽ بي زبان جانورن جي هن مثالي پيار جو اهڙو مثال ڪو ڇڊو ملندو. انگريزن جي دور حڪومت ۾ وڏيري بولي جو فرزند محمد اسماعيل ضلع لوڪلبورڊ جو ميمبر پڻ هو ان جو فرزند محمد جڙيل ثاني اڃا زندهه آهي، شهر جي معزز ماڻهن مان هڪ آهي. هو نه رڳو پاڻ سٺو ڪاريگر هو پر شهر جو هڪ سٺو ٺيڪيدار ٿي رهيو آهي. مورو جو موجوده ڊي سي هاءِ اسڪول ۽ تعلقي اسپتال سندس نگرانيءَ هيٺ ٺهيل آهن. هن خاندان مان حافظ ڌڻي بخش تمام نيڪ ۽ خدا ترس ماڻهو ٿي گذريو آهي. سندس فرزند ميان عبدالڪريم شهر جو مشهور ٺيڪيدار ۽ واپاري برداريءَ جو صدر آهي. بولاڻي راجھ جو هڪ ٻيو فرد احمد بخش بولاڻي نهايت پير منش، هڪ ڪهنه مشق اديب ۽ شاعر آهي. هن وقت بولاڻي خاندان ۾ غلام عباس ميمڻ بئنڪ جو مينيجر آهي، باقي اڪثر واپار ـيڪيداري ۽ رازڪي ڪم ۾ رڌل آهن. بولاڻي راڄ ۾ امن نالي هڪ پهلوان مڙس لاءِ ويلي جي خوراڪ هڪ گهيٽو يا ڇيلو، ست ڪنگريون چڻا ۽ دلو پاڻيءَ جو هئي ۽ ٻيو پهلوان پريو بولاڻيءَ لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته سجھي نار جو هلٽ کڻي ٻنيءَ تي ويندو هو ۽ نار جي چائٺ کي لڪڻ ڪري هلندو هو.

ٻڍاڻي ميمڻ:

            ميمڻ راجھ، ٻڍاڻي آڪهه جو وڏو بزرگ آخوند ٻڍو فقير هو. جيڪو ٽالپرن جي دور ۾ مورو جي سرزمين تي سڪونت پذير ٿيو. هو تمام خدا ترس ۽ نيڪ شخص هو ۽ جيڪو ٻارن کي مڪتب ۾ درس ڏيندو هو. سندس وفات سن 1274 هجري ۾ ٿي خليفي عبدالواحد جي قبرستان ۾، ڪتبن لڳل قبرن جي لحاظ کان، سندس قبر ٻيون نمبر پراڻي نظر اچي ٿي. هن خاندان جي سادگي، سچائي ۽ شرافت تمام گهڻي مشهور آهي. آخوند ٻڍي فقير جو پوٽاڻ رازڪي ڪم جو ماهر هوندو هو ليڪن پوءِ جو اولاد تعليم عام ٿيڻ بعد، ڪجهه واپار ۽ ڪجهه سرڪاري نوڪرين ۾ لڳي ويل آهي. هن وقت ٻڍاڻي خاندان مان حاجي شمس الدين شيعا مذهب جي حسيني انجمن جو اهم رڪن آهي. ڊاڪٽر انور الدين ۽ عطا محمد سرڪاري نوڪري ۾ آهن. باقي خاندان جا ننڍا دوڪانداري ۽ ٺيڪيداري جو ڪم ڪن ٿا.

ميراڻي ميمڻ:

            ميمڻ راڄ جو هيءُ ڪٽنب اصل کاهي جو ويٺل هو. هي اصل ۾ ٻه ڀائر هئا جنهن مان هڪ ڪاوڙجي اچي مورو جي سرزمين تي سڪونت پذير ٿيو. ان کي مير، حامد، صالح ۽ خيرل نالي چار پٽ هئا. جيڪي غالبن ميرن جي دور کان آڳاٽو هن سرزمين تي آباد ٿيل آهن. هي چارئي ڀائر هر هاري هوندا هئا. سندن وڏو ميرل يا مير هو، جنهن ڪري ميراڻي سڏجڻ لڳا.

            مورو شهر جي تاريخي قدامت بابت اڪثر معلومات هن خاندان جي پيرسن محمد صديق عرف (ادو صديق) کان حاصل ڪيل آهي.

            قيام پاڪستان کان پوءِ وڏيري مير جا پڙ پوٽا تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. ۽ پوءِ انهن جي اولاد اعليَ تعليم حاصل ڪري ورتي آهي.

            هن وقت هن خاندان جو معمر ترين ڪو به ڪو نه آهي، باقي ڪثير اولاد ڪري هيءُ خاندان هڪ مضبوط راڄ جي حيثيت رکي ٿو. هن خاندان مان مسٽر غلام محمد ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي، ڪي چند ننڍين سرڪاري نوڪرين ۾ به آهن. باقي اڪثر واپار ڪن ٿا.

جبيراڻي ميڻ:

            ميمڻ خاندان جي هيءَ شاخ به ڪلهوڙن جي دور کان آڳاٽي هن سرزمين تي سڪونت پذير آهي. سندن وڏو جبير هو جنهن جو فرزند شير خان اول هو. درس ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي تي کيس پنهنجون زمينون ۽ نار هوندو هو. ان جي چوٿين پيڙهي ۾ محمد اسماعيل پنهنجي راڄ جو چڱو مڙس ۽ جماعت مورو جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو آهي. هيءُ صاحب ايجوڪيشن سپروائيزر جي عهدي تي فائز آهي ۽ سندس ٻيو ڀاءُ محمد عرس اسٽيل مل ۾ سٺي عهدي تي فائز آهي. سندن اولاد اعليَ تعليم حاصل ڪري نوڪرين ۾ رڌل آهي. هن ويڙهي جا باقي فرد ڪاروبار ۽ زمينداري سنڀالي رهيا آهن.

ملڪاڻي ميمڻ:

            هيءُ ميمڻ خاندان به مورو ۾ميرن جي دور جو آباد ٿيل آهي. جن جا وڏا، ڦلو، ٻيڙو، مصري ۽ مرزا هئا. محمد رمضان ۽ محمد ماڪو مرزا جا پٽ هئا. انتهائي غريب ۽ پورهيت هر هاري خنادان سان تعلق رکندا هئا جن جو اولاد اڳتي هلي ملڪاڻي ميمڻ سڏجڻ لڳو. محمد ماڪوءَ جو ڀائيٽيو الهه وسايو سامي کوٽڻ جو ڪم ڪندڙ هو. مرحوم الهوسائي جي پٽ هيڊ منشيءَ جي عهدي تان رٽائر ڪيو، هاڻ فوت ٿي ويل آهي. سندس اولاد واچن ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار ڪري ٿو. ٻئي طرف محمد ماڪوءَ جو پوٽاڻ هينئر واپار ۾ چڱي ترقي ڪري شهر ۾ ڪجهه جايون ۽ ڪجهه زمينن جا ٽڪرا خريد ڪيا آهن.

ڪمالاڻي ميمڻ:

            هيءُ خاندان مورو جي اولهه طرف کوکرن جي ڳوٺ ۾ سڪونت پذير هو. جيڪو پوءِ ميرن جي دور ۾ هنرمنديءَ جي قدردانيءَ خاطر مورو ۾ سڪونت پذير ٿيو. هن خاندان جو وڏو ڪمال خان هو جنهن ڪري ڪمالاڻي سڏجڻ لڳا. مورو ۾ کين رهڻ لاءِ هڪ ڪشادو پلاٽ سيدن جي پاڙي ۾ حد بندي ڪري ڏياريو ويو. هن خاندان ۾ عمارت سازي ۽ گلڪاري جي ڪم ۾ مهارت رکندڙ، اوستو حاجي تمام مشهور ٿيو، اڪثر ڪري مسجدن ۽ هندن جي جاين تي گلڪاريءَ جو ڪم نهايت نفيس ۽ نزاڪت وارو ڪندو هو. ايتري قدر جو سندس گلڪاريءَ جو نقل ڪو به ڪاريگر نه ڪري سگهيو هو. ان جو پٽ اوستو پير بخش به هڪ سٺو رازو هو ۽ اڪثر پلين تي ڪم ڪندو هو. اوستي حاجيءَ جو ڀاءُ بهادر خان وري پوليس جي نوڪريءَ ۾ هو ۽ نوڪريءَ دوران شهدادپور ويجهو لُنڊو اسٽيشن لڳ هڪ ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين. کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. هن وقت بهادر خان جو اولاد مورو شهر جي تاريخ ۾ هيٺين خصوصيات جي ڪري هڪ مثال ڪردار جو حامل آهي.

  1. احمد بخش ڪمالاڻي: هڪ انتهائي هوشيار رٽائرڊ پرائمري ماستر.
  2. عبدا: خان ڪمالاڻي: پڙهي ڪو نه سگهيو شيعا فرقي جي پهرئين مبلغ محمد قاسم ٻرڙي وٽ درزڪو ڪم سکيو ۽ شيعا فرقي جي ماتمي سواري ”شهزادي قاسم جي سيج“ سينگارڻ جو ڪم هن شروع ڪيو.
  3. حاجي خدابخش ڪمالاڻي: بمبئي مان پاس ڪندڙ مورو جو ٻيو نمبر مئٽرڪيوليٽ، مورو ۾ قائم ٿيل انگريزي اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر ۽ مورو شهر جو مڃيل هوشيار شخصيت، زناني تعليم جي ميدان ۾ موروو شهر جو وڌ کان وڌ پڙهيل پهريون خاندان ڪمالاڻين جو آهي. مورو ۾ سڀ کان پهرين ليڊي ڊاڪٽر ۽ انگريزي گرلس اسڪول جي پهرئين هيڊ مسٽريس ۽ پهرين ليڊي ليڪچرار دختر احمد بخش ڪمالاڻي آهن. هن وقت به ڪمالاڻي خاندان وڌ کان وڌ تعليم کاتي ۾ استاد پيشي سان تعلق رکي ٿو. مورو ۾ مشهور آهي ته حاجي ڪمالاڻيءَ جي ذهن ۽ قلم ۾ هر مسئلي جو حل سمايل هوندو آهي.

ربناڻي ميمڻ:

            هن آڪهه جو وڏو ميان موليڏنو هو، جنهن جو پٽ مستري ربڏنو ڊسڪٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو انجنيئر هو. ربناڻي ميمڻ ان جو اولاد آهن. ربڏني خان کي ٻه فرزند هئا. هڪ محمد هاشم ۽ علي نواز خان، محمد هاشم مورو ۾ بمبئي يونيورسٽي جي مئٽرڪيوليٽ شاگردن مان ٽيون مئٽرڪيوليٽ هو. تمام ذهين ۽ هوشيار هئڻ ڪري کيس روينيو آفيس ۾ ملازمت ملي ۽ اتان رٽائر ڪيائين هن وقت وصال ڪري ويل آهي. سندس اولاد مان برگيڊيئر غلام رسول ميمڻ پاڪستان فوج جي تاريخ ۾ ٻيون نمبر سنڌي برگيڊيئر آهي. جيڪو ان عهدي تي پهتل آهي. ربڏني خان جو ٻيون فرزند علي نواز خان آهي جيڪو رٽائرڊ آبدار آهي ۽ پنهنجي اولاد سان مورو ۾ مقيم آهي. مٿين ٻنهي ڀائرن جا فرزند مورو ۾ سرڪاري نوڪرين ۽ مقامي واپار ۾ سٺي حيثيت رکندڙ آهن.

گچيرائي ميمڻ:

            هيءُ خاندان مورو سان انگريز دور حڪومت کان وٺي تعلق ۾ هوندو هو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد هن خاندان جو موجوده مبلغ مولوي محمد عثمان پهريائين انگريزي اسڪول ۾ عربيءَ جو استاد بڻيو. هن صاحب پنهنجي سجھي قبيلي سان گچيري مان لڏي اچي مورو ۾ سڪونت اختيار ڪئي. مورو شهر ۾ اهلسنت جماعت جي مذهبي طريقي کي زور وٺائڻ ۾ هن خاندان جو وڏو هٿ آهي. موجوده تاج مسجد جو بنياد ۽ رحمانيا مدرسي جو قيام به هن خاندان جي ڪوششن جو نتيجو آهي. مولوي حاجي محمد عثمان صاحب جو واعظ شريف ٻڌڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ڪهي اچي گڏ ٿيندا آهن. سندس فرزند مولوي گل محمد صاحب به پيءُ وانگر علم حديث ۽ فقه جو سٺو ڄاڻو ۽ مبلغ آهي.

ڪوري ميمڻ:

            هيءُ خاندان مورو جي قديم رهاڪن مان هڪ آهي. هن خاندان جو وڏو ملو محمد عمر ۽ محمد صلح هئا. جنهن مان ملي محمد عمر لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان ست حج پيادل ڪيا هئ ۽ نهايت ئي نيڪوڪار هوندو هو.

            هن وقت ڪوري خاندان جنهن جاءِ تي آهي، اتي پهرين ٻرڙا خاندان آباد هو، جيڪو پوءِ نقل مڪاني ڪري سرهين جي پاڙي ۾ وڃي رهيو. انهن جاين تي ڦلن ۽ آراضيءَ کان ڪوري خاندان جا هنرمند ڪٽنب اچي آباد ٿيا. جن اٽڪل ٽيهارو کن آڏاڻا قائم ڪري مورو ۾ ڪپڙي جي صنعت کي زور وٺايو. اوڄ، جوڙي، سوسي، گربي ۽ انگوڇن جي اڻاوت جو ڪم موري ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو. پري پري کان ڪاريگر اچي ملي محمد عمر جي آڏاڻ تي ڪم ڪندا هئا. هيءَ صاحب هينئر مشيني دور ڪري مورو ۾ ختم ٿي چڪي آهي. هن وقت ڪوري خاندان جو نيڪ مرد سيٺ محمد حاجن آهي، جيڪو چمڙي جو واپاري آهي. ڪوري خاندان جي اڪثريت وڻج واپار، محنت، مزدوري ڪري ٿي، البت تعليم جي عام ٿيڻ کان پوءِ نوجوان نسل نوڪرين ۾ رڌل آهي. هن وقت نئين نسل ۾ مسٽر عبدالڪريم وڪيل صاحب شهر ۾ سٺو اثر رکي ٿو.

سيد خاندان:

            مورو ۾ سيد خاندان جي آمد ڪلهوڙن جي دور يا ان کان ڪجهه آڳاهين ٻڌائي وڃي ٿي. ڪجهه سيد ميرن جي دور ۾ به هن سرزمين تي آباد ٿيل آهن. هن وقت مورو شهر ۾ آسپاس جي ڳوٺن مان به ڪافي سيد خاندان لڏي اچي ويٺل آهن. جن مان جوڻالوءِ جا شيرازي سيد ۽ گچيري کان آيل سادات خاندان به خاص اهميت جا حامل آهن.

            مورو شهر ۾ قديمي طرح سيد خاندان جون ٻه شاخون لڪياري ساداتن مان ۽ ٻه شاخون مٽياري ساداتن مان لڏي آيل آهن.

            مٽياري ساداتن ۾ سخي باقر شاهه اول جي سڀ کان پهرين آمد ٿي. هيءُ سيد نهايت سخي مرد هو. کيس ڪافي مريد هئا ۽ پاڻ زميندار به هو. مرڻ کان پوءِ کيس پنهنجي ئي زمينن تي دفن ڪيو ويو. موجوده شيعا امام بارگاهه جي اولهه ۾ سندس مزار قائم ٿيل آهي. سخي باقر شاهه جي قديم مقام کي مورو ۾ وڏي اهميت حاصل هئي. هيءُ سخي مرد هر سال صفر مهيني جي پوئين اربعا تي وڏي خيرات ڪندو هو، جنهن کي سخي باقر شاهه جو تل ڪري چوندا هئا. هن سيد جو خاندان اڄ تائين مورو ۾ موجود آهي. جن مان سيد ميهر علي شاهه ۽ سيد علي بخش شاهه صاحب جن جون شخصيتون نهايت ممتاز حيثيت جون حامل آهن. مورو ۾ ڪاليج قائم ڪرائڻ وارن بنيادي ڪارڪنن مان، سيد علي بخش شاهه جون خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن.

            مورو جي سيد خاندان ۾ مٽياري ساداتن جي هڪ ٻي شاخ موج علي شاهه ۽ سيد بهاول شاهه اول وارن جي آهي. سندن ٽين پيڙهي مان سيد جعفر علي شاهه جون مورو شهر جي ماڻهن لاءِ علمي خدمتون تاريخ ساز حيثيت رکن ٿيون. سندس هن وقت عمر 87 سال آهي. مورو جي پرائمري تعليم ۾ سندس حيثيت مثالي نوعيت جي آهي. سندس ڪثير اولاد مان مرحوم سيد پناهه علي شاهه هڪ وڏو تعليمي ماهر، قرآن ۽ حديث جي علم جو زبردست جھاڻو، سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪ نهايت محنتي ۽ ديانتدار استاد ٿي گذريو آهي. سندس ٻيو فرزند سيد اشرف علي شاهه علم قرآن ۽ حديث جو سٺو جھاڻو آهي ۽ فقير طبيعت جو صاحب آهي. سيد باقي فرزندن مان سيد ناصر علي شاهه (ناصر مورائي) مورو جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. مهراڻ ڪاليج مورو قائم ڪرڻ وقت هيءُ نوجوان ڳچيءَ ۾ ڪشتو وجهي پنيو ۽ ڪاليج لاءِ فنڊ ڪٺو ڪيو هئائين. هڪ سٺو اديب آهي، ڪجهه وقت مورو جي سياسي افق تي اڀرڻ گهريائين پر پوءِ روزگار سانگي ڪراچيءَ وڃي سڪونت پذير ٿيل آهي.

            هن خاندان جا ننڍا نوجوان تعليم جاري رکڻ سان گڏ شهر ۾ دوڪانداري پڻ ڪندڙ آهن ۽ هٿرادو هنرن ۾ چڱو نالو ڪڍيو اٿن. هڪ نوجوان سيد نثار علي شاهه آمريڪا ۾ اليڪٽريڪل انجنيئر جي عهدي تي فائز آهي.

گچيري کان آيل سيد:

            مورو ۾ سيد خاندان جا ڪجهه ڪٽنب گچيرو کان روزگار خاطر لڏي آيل آهن، اصل لڪياري خاندان سان تعلق اٿن. جن جو وڏو سيد نبن شاهه اول سنهڙيءَ ۾ ويٺل هو، جتان گچيرو لڏي ويو. ان جي فرزند سيد ميرل شاهه 1944ع ڌاري مورو ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سندس فرزندن مان هڪ سيد نبن شاهه ڪثير اولاد سان مورو ۾ سڪونت پذير آهي ۽ رٽائرڊ سپروائيزنگ تپيدار آهي. شيعا جماعت کي زور وٺائڻ ۾ سندس وڏو هٿ آهي. ٻيو فرزند سيد زوار حسين شاهه هن وقت سعودي عرب ۾ مقيم آهي، جتي سنڌ تعليمي بورڊ جي باني ميمبرن مان هڪ آهي.

            سيد خاندان جي هڪ ٻي شاخ لغاري بجاراڻي ڳوٺ کان 1951ع ڌاري کان مورو ۾ لڏي آيل آهي. جنهن جو نيڪ مرد سيد لعل محمد شاهه آهي. هيءُ صاحب شيعا جماعت جو سرگرم ڪارڪن آهي. سندس ڪثير اولاد مان سيد ظفر علي شاهه ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيا پڙهي رهيا آهن. لڪياري سيد خاندان جي هڪ شاخ، مورو ۾ قديم دور کان آباد آهي. هن خاندان طرفان مورو جي قديم مسجد ٺهرايل آهي، جنهن کي دينل شاهه جي مسجد سڏيو وڃي ٿو. هن خاندان جي اهم خصوصيت هيءَ آهي ته هيءُ نج لڪياري سادات سڏجن ٿا ۽ انهن ڪا به مٽي غير لڪياري ساداتن سان ڪو نه ڪئي، هاشم شاهه ۽ ٺارو شاهه جو خاندان انهن سيدن مان آهي هن وقت ان خاندان جو هڪ سيد لعل محمد شاهه لڪياري مورو جي مقامي سياست ۾ حصو وٺندو رهندو آهي.

            جوڻالوءِ کان لڏي آيل شيرازي ساداتن جون ڪجهه آڪهون اتڪل ويهارو سال کان وٺي مورو شهر ۾ سڪونت پذير ٿيل آهن. جن جو وڏو سيد علي شاهه ”خادمـ وڏو ڪهنه مشق شاعر ٿي گذريو آهي. سندس اولاد مان راشد مورائي هڪ وڏي ادبي شخصيت شمار ڪيو وڃي ٿو. جنهن جو احوال سندس سوانح ۾ ايندو.

شيخ خاندان:

            هن خاندان جو اصل وڏو لطف علي خان هو جيڪو ميرن جي دور حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ انگريز راڄ جي شروعات ۾ قاضي صاحبان جي اثر ۽ اسرار تي مورو ۾ سڪونت پذير ٿيو. هن خاندان ۾ وڏيرو محمد خان ۽ فتح علي خان پنهنجي دور جا مشهور وڏيرا شمار ڪيا وڃن ٿا. هن خاندان جي (ميرن جي باقيات ۾ موجود مير غلام شاهه وٽ) ڪچهريءَ ۾ شرڪت نهايت ضروري هوندي هئي، انگريزي سرڪار جي ڪچهريءَ ۾ مورو شهر جي عوام جي نمائندگي به هن خاندان جي طرفان ڪئي ويندي هئي.

            مورو جي قديم بدر شاهه مسجد جي نظرداري ۽ نگهداشت پڻ هن خاندان جي حوالي ٿيل آهي. هن خاندان کي شيخ ذات سان گهٽ ۽ وڏيري خاندان جي نسبت سان وڌيڪ سڃاتو ويندو آهي.

            هن خاندان جو مورو جي سماجي ۽ سياسي سرگرمين م وڏو اهم حصو رهيو آهي. مورو جي عوام ۾ هن خاندان مان وڏيري خاوند ڏني خان تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي. هو صاحب مورو سينيٽري ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ چيئرمن پڻ رهي چڪو آهي ۽ مورو شهر جي عوام جي خدمت ڪندو رهيو آهي. هن صاحب علم موسيقيءَ جي فن جو زبردست ڄاڻو ۽ بذات خود به هڪ سٺو جهونگاريندڙ هو، سياسي طرح جتوئي گروپ سان تعلق رکندڙ ۽ مورو جي نهايت بااثر شخصيت هو. تازو وصال ڪري ويل آهي. تعليم عام ٿيڻ کان پوءِ هن خاندان جا اڪثر نوجوان سرڪاري نوڪرين ۾ به داخل ٿيل آهن. هن وقت وڏيري خاوندڏني جو اولاد واپار ۽ زمينداريءَ ۾ رڌل آهي. البت وڏيري محمد خان ثانيءَ جي اولاد مان مورثي سياسيت وڏير نجم الدين شيخ جي حوالي ٿيل آهي. مسٽر واحد بخش ليڪچرار جي عهدي تي فائز آهي. هي صاحب مورو ۾ سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن ۽ روشن تارا اسڪول هلائيندڙ سوسائٽيءَ جو صدر رهي چڪو آهي. مسٽر انور علي (فتح علي ثاني) ايڪسائيز سب انسپيڪٽر سب انسپيڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.

            مورو جي سياسي افق تي وڏيرا خاندان، هڪ اهم حيثيت رکندڙ آهن.

ٻرڙا خاندا:

            هيءُ خاندان مورو جي اوائلي رهاڪن مان هڪ آهي. بعض روايتن موجب مورو شهر جو بنياد رکندڙ مورڙو فقير به ذات جو ٻرڙو هو. هن خاندان جا مکيه ٻه اهم ويڙها هوندا هئا جنهن مان هڪ ويڙهو موجوده ڪوري محلي ۾ سڪونت پذير هو. جنهن مان ڪوري محلا مسجد ۾ حاجي بهرام جرار ٻرڙي جي مزار کان سواءِ ٻيو ڪو به ثبوت باقي نه بچيو آهي. مورو جي اولهه ۾ ٻرڙا خاندان جو ٻيو ويڙهو اڃا تائين مقيم آهي. هيءُ خاندان سيدن جي نهايت وڏي عقيدت رکندڙ آهي. هن خاندان ۾ درزڪي، واڍڪي ۽ رازڪي ڪم جا زبردست ماهر ٿي گذريا آهن.

            اوستو محمد قسم ٻرڙو درزڪي ڪم جو زبردست ماهر هئڻ کان علاوه مورو ۾ شيعا مذهب جو باني ۽ بنياد رکندڙ جي حيثيت جو حامل آهي.

            هن خاندان جو هڪ مستري گل محمد ٻرڙو وري رازڪي ڪم ۽ گلڪاريءَ جو ڪم جو زبردست جھاڻو هو. مورو ۾ سيمينٽ تي گلڪاريءَ جي ڪم جي شروعات هن ئي مستريءَ کان پوءِ عروج تي پهتي.

            مورو ۾ امام حسين جي روضي مبارڪ جي اوائلي تشبيهه پڻ ٻرڙا خاندان جو هنري ڪارنامو آهي. تعليم عام ٿيڻ کان پوءِ هن خاندان جو نوجوان نسل تعليم حاصل ڪري مختلف سرڪاري ملازمتن ۾ رڌل آهي. جن مان بنده علي ٻرڙو ۽ غلام رسول ٻرڙو چڱي حيثيت جا صاحب آهن. مسٽر نور محمد ٻرڙو ۽ احمد خان ٻرڙو پڻ سٺين نوڪرين تي آهن. مورو جي ابتدائي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ سندن حصو رهيو آهي.

            واضح رهي ته هنرن ۽ ڪاريگرين ۾ ٻرڙا خاندان جي هنرمند عبدالڪريم ولد ڦوٽو ٻرڙي، ڊپٽي قادرداد خان جي هنري ڪارخاني ۾ تربيت حاصل ڪئي هئي هن هڪ ڪاٺ جو گهوڙو ڪلن تي هلائي ڏيکاريو ۽ هڪ ڦيٿي سائيڪل ٺاهي هلائي ڏيکاري. هو ڪمال گيري ۽ ڪاشيگيريءَ جي ڪم جو ماهر هوندو هو. اڪثر ملڪ گوٺ جي کيڙن وٽ رهندو هو سندس تيار ڪيل ڪٻٽ جو هڪ طاق اڃا به کيڙن وٽ موجود آهي.

سرهيا خاندان:

            مورو ۾ سرهيا خاندان جي آمد ميرن جي دور جي آهي هيءَ اصل ۾ عطر فروش قبائل سان واسطو رکندڙ عطار سڏجن ٿا. هيءُ خاندان عطر ۽ سرهاڻ جي واپار ڪري سرهيا سڏجڻ لڳو. هن خاندان جو مورو ۾ ڪل اٺ آڪهون سڪونت پذير ٿيون.

  1. ڇتاڻي سرهيا: هنن جو وڏو ملو ڇتو سرهيو آهي.
  2. ملوڪاڻي سرهيا: هنن جو وڏو محمد ملوڪ عطار آهي.
  3. موساڻي: هنن جو وڏو محمد موسيَ سرهيو آهي.
  4. غلام حسين سرهيي جو اولاد.
  5. محمد جڙيل سرهيي جو اولاد.
  6. حافظ خير محمد سرهيي جو اولاد.
  7. احمد خان سرهيي جو اولاد.

سرهيا خاندان عطر، ريشم، پٽ، سڳين ۽ ڳانن جو واپار ڪندڙ هئا. هو پٽ سٽ ۽ ڌاڳن مان شيون ٺاهڻ جا وڏا ڪاريگر هئا. سندن رسائي ۽ واسطو هندو سيٺين ۽ ميرن جي ديرن کان وٺي سيد خاندان خواهه شاهوڪار ۽ سگهڙ ماڻهن سان هوندو هو. مورو ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ کان پوءِ واپار سانگي بازاريون ٺاهي ويٺا ۽ هنن جو واپاري ڪچو مال بمبئي ۽ ڪشمير جي علائقن کان ايندو هو.

            تعليم عام ٿيڻ کان پوءِ هن خاندان جو عطار قبيلو زميندار، اعليَ تعليم يافته بنجي ويو ۽ پوءِ آهستي آهستي ايجنسي واپار تي به قبضو پختو ڪيائون هيءُ قبيلو شهر جي امير ترين قبيلن مان هڪ آهي. پر ڪڏهن به منجهن هـٺ، تڪبر ۽ وڏائي ڪا نه آئي. شهر جي مقامي سياست ۾ سندن وڏو عمل دخل رهندو آيو آهي. ڇتاڻي سرهيا خاندان مان مسٽر محمد ڇتل سرهيو هڪ نهايت محترم شخصيت ٿي گذريو آهي. جنهن جو احوال هڪ الڳ باب ۾ ڪيو ويو آهي.

            سرهيا خاندان جي قديم رسم رواج ۾ هندو قديم سڀيتا جي عڪاسي اجھ کان ٽيهارو سال اڳ تائين موجود هوندي هئي. ليڪن تعليم عام ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي سماج مان اهي رسمون ختم ڪري ڇڏيون اٿن. سرهيا خاندان جي ٻڌي مورو جي سڀني رهاڪن ۾ مشهور آهي.

سوهو:

            هيءَ راڄ ايامن کان مورو ۾ آيل آهي، جيڪو پار وارياسي کان لڏي مورو ۾ اچي ويٺو. سوهو راڄ جو اصل ڳوٺ ڏتل سوهو ٻڌايو وڃي ٿو. هن راڄ جو وڏو مراد سوهو هو، جنهن جو فرزند غلام علي انگريزن جي دور ۾ مورو سرزمين تي آباد ٿيو ۽ ٺاٺارڪو ڪم ڪندڙ هو.

            سوهو خاندان جي ٻي شاخ جو وڏو پنجاب کان آيو جنهن جو نالو خدابخش هو پوليس ۾ نوڪري ڪندڙ هو. ان جي فرزند محمد جعفر مورو ۾ غلام علي ۽ سندس ڀاءُ قادر بخش کان ٺاٺـارڪو ڪم سکيو هي ٻئي خاندان مورو ۾ ڪثير اولاد سان مقيم آهن ۽ انگريزن جي دور کان وٺي ٽامي ۽ ڪٽ جي ٿانون ٺاهڻ جي صنعت جا ماهر ليکيا وڃن ٿا. هن خاندان جو هن وقت پونئير سيٺ الهه بخش سوهو پنهنجي اباڻي فن کي زندهه رکيو اچي ٿو.

ڪلي ۽ سيال:

            هنن ٻن نالن سان جيڪو خاندان مورو ۾ آباد آهي ان لاءِ متضاد روايتون ملن ٿيون ڪن جو چوڻ آهي ته هو اصل کان ئي سيال آهن ۽ پنجاب کان انگريز دور ۾ لڏي اچي مورو ۾ سڪونت پذير ٿيل آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته هي دراصل ڪلي خاندان سان واسطو رکندڙ آهن ۽ مورو جي اولهه طرف ڪلين جي وڏي ڳوٺ کان لڏي اچي مورو ۾ سڪونت پذير ٿيل آهن.

            هن خاندان جو اصل وڏو الهيار سيال هوندو هو، جنهن جي نالي تي هيءُ ڳوٺ آباد ٿيل آهي. سندن برادري ۽ مٽي مائٽي ڪچي ۾ ويٺل ڪلين سان ئي آهي. هن وقت سندن نيڪ مرد انور علي سيال آهي ۽ تڪ جو ڪائونسلر پڻ آهي. هيءُ خاندان مورو ۾ قديم دور کان آباد آهي. سندن مکيه ڌنڌو هارپو آهي. البت ڪجهه نوجوان پڙهي لکي نوڪرين ۾ داخل ٿيل آهن. جيڪي هيٺين طرح آهن، الهڏنو خان سيال (ڪلي) سپروائيزنگ تپيدار نصر ا: سيال تپيدار، بدرالدين سيال پوليس سب انسپيڪٽر ڪراچي، شفيع محمد سيال، ٽيڪسيشن انسپيڪٽر ۽ شهمير سيال منسٽري آف ايجوڪيشن اسلام آباد ۾ سٺي عهدي تي فائز آهي.

ڪلهوڙا:

            ميان يار محمد ڪلهوڙي جڏهن سرائين سان گڏجي گچيرو فتح ڪيو ته سندن خاندان جا ڪجهه ڀاتي مورو جي ٻاهران پنهنجو آستان ٺاهي رهي پيا هئا. سندن ڪلهوڙا درٻار سان تمام گهرو رابطو هوندو هو. ۽ ڪلهوڙا حڪمرانن جي زميندارين جي نظرداري ڪندڙ هئا، موجوده دائم خان ڪلهوڙي ۽ علي بخش ڪلهوڙي جا ڳوٺ پڻ انهن خاندانن جي باقيات مان اڃا تائين موجود آهن. سن 1164 ۾ ميان نور محمد مورو کان اٺ ميل اوڀر طرف محمد آباد نالي هڪ شهر ٻڌائي اتي سڪونت اختيار ڪئي هئي. کيس وفاق کان پوءِ به اتي ئي دفن ڪيو ويو هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جا قبا اڄ به موجود آهن. ڪلهوڙا خاندان جي زوال بعد مورو شهر جي اتر ۾ علي بخش ڪلهوڙي جي نالي سان هڪ ڳوٺ آباد ٿيو. جن جو مکيه ڌنڌو هارپو، مال چارڻ ۽ مزدوري ڪرڻ هو. هن ڳوٺ جي ڀرسان هڪ ڪلراٺي ميدان تي چانڊوڪين راتين ۾ مورو جا ماڻهو کوکر بامٽو ۽ ٻلهاڙو راند کيڏڻ ايندا هئا. ان ميدان لاءِ هڪ روايت آهي ته برسات نه پوڻ جي حالت ۾ مورو جا ماڻهو مٿو ۽ پير اگهاڙا ڪري خليفي عبدالواحد ۽ مخدوم عبدالرئوف صاحبان جي سرڪردگيءَ هيٺ دعا گهرندا هئا ته بادل وسڻ شروع ڪندا هئا.

سيهڙ:

            مورو ۾ سڪونت پذير، هيءَ راڄ خيرپور کان لڏي اچي هن شهر جي ٻاهران، هڪ دڙي تي گهرڙا ٺاهي ويٺو. سيهڙ راڄ قاضي صاحبان جي انتهائي عقيدت مند هو. ڪن جو چوڻ آهي ته سيهڙ اصل ۾ ٽلٽيءَ جا آهن. جتان پوءِ گذر معاش جي ڪري اچي مورو ۾ سڪونت پذير ٿيا. ڪن روايت موجب موجوده سنزي مارڪيٽ وٽ بهس ندن جايون ۽ قبرون موجود هيون. سيهڙن جو اصل وڏو مير خان هو. جنهن جي فرزند علي بخش جي نالي سان مورو جي اولهه اتر ڪنڊ تي هڪ وڏو ڳوٺ آباد آهي. هن خاندان جو مکيه ڌنڌو هارپو هوندو هو، پر پوءِ تعليم عام ٿيڻ بعد، ڪن واپار شروع ڪيو ته ڪي زمينداريءَ ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ بهد اخل ٿيا. هن خاندان مان محترم خان محمد سيهڙ ۽ خدا بخش سيهڙ اعليَ سرڪاري عهدن تي فائز آهن. سندن اولاد مان امداد علي رضا سيهڙ پاڪستان اندر C.S.S جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جيڪو مورو جي تاريخ لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي. اقبال احمد سيهڙ ڊاڪٽر آهي. سيهڙ راجھ طرفان عبدالحڪيم سيهڙ مورو جي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ اهم شخصيت آهي.

ماڇي:

            هيءُ راجھ مورو جي حدن اندر سخي باقر شاهه جي مقام ڀرسان آهي ۽ ڪلهوڙن جي دور کان وٺي هتي آباد آهي. سندن مکيه ڌنڌو پوک ڪرڻ، مال چارڻ ۽ محنت مزدوري ڪرڻ آهي. هن ڳوٺ جو اصل وڏو رحيم ڏنو ماڇي هوندو هو، جنهن جي ڪثير اولاد مان هن وقت هيٺان چار ويڙها موجود آهن.

1. محمد عمر جو ويڙهو، 2. صابن جو ويڙهو.

3. جان محمد جو ويڙهو، 4. ڀليڏني جو ويڙهو.

            هن ڳوٺ ۾ هن وقت ڪجهه چانڊين ۽ سيالن جا گهر به لڏي اچي ويٺل آهن. هن راڄ جي هڪ ٻي شاخ درسن کان لڏي، محنت مزدوريءَ سانگي، اچي مورو ۾ آباد ٿيل آهي. هيءُ راڄ جتوئي گروپ سان ساٿ ۾ رهي چڱو خاصو اثر وڌائي ويل آهي. هن راڄ جو محمد ابراهيم نالي هڪ نوجوان سياسي تحريڪن مان اڀري مورو جي ميونسپل ڪميٽيءَ ۾ ميمبر پڻ چونڊجي آيل آهي. هن راڄ جو نورو ماڇي ملهه جو زبردست پهلوان ٿي گذريو آهي.

مڱڻهار:

            هيءُ راڄ 20 صديءَ جي اوائل ۾ دولتپور صفن کان لڏي، پهرين ڪلين جي موجوده ڳوٺ (الهيار سيال) ۾ اچي ويٺو، پوءِ آلو ٻاليشاهيءَ کان جاءِ خريد ڪري، سرهين جي پاڙي ۾ اچي رهڻ لڳو. سندن اصل ڌنڌو شادين مرادين ۾ دهل شرناءِ وڄائي شادمانا ۽ شغل ڪرڻ هو. سندن وڏو محمد پريل هو، جنهن جا ٻه فرزند فقير محمد اسماعيل ۽ فقير محمد ابراهيم عرف اڪ فقير هئا. جيڪي شرناءِ وڄائڻ جا وڏا ماهر ڪاريگر هئا.

            مڱڻهار خاندان دراصل جورا سما قوم جا باقيات منجهان هڪ شاخ آهن. جيڪي سنڌو ندي جي ڪنارن تي سکر کان ٺٽي تائين آباد ٿيل هئا.

            اڪ فقير جي شرناءِ وڄائڻ بابت روايت آهي ته کيس ٽنڊو غلام حسين جو، مير فضل علي پاڻ وٽ شرناءِ تي مرثيي خوانيءَ لاءِ خاص طرح گهرائيندو هو. قلندر شهباز تي شرناءِ تي لئه ڪاريءَ جي مقابلن ۾ به کيس ئي گهرايو ويندو هو. علم موسيقي ۽ راڳ جو زبردست ڄاڻو هوندو هو. مورو ۾ اوائلي طرح شيعي مذهب جي ماتم به مڱڻهار خاندان جي شرناءِ تي مرثيو وڄائيندي ٿيندو هو. اڪ فقير ۽ محمد اسماعيل شرناءِ تي مرثيو چوندا هئا ته ماڻهو زارو قطار روئڻ شروع ڪري ڏيندا هئا.

            هن راڄ جو هڪ تعليم يافتو نوجوان محمد هاشم ملنگ، ڪٻٽي راند جو بهترين رانديگر ثابت ٿيو. هن جي ڪٻٽي راند ۾ دم بابت مشهور آهي ته ڀلي ٻه رانديگر وارو وٺي اچن تڏهن به هن جو دم اڃا وڌيڪ هوندو هو. سندس راند جي سڄي سنڌ ۾ مشهوري هوندي هئي. مورو ۾ قائم ٿيل انگريزي اسڪول جو پهريون انگريزي نائب ماستر بڻيو. بعد ۾ وڪالت پاس ڪري بهترين وڪيل بڻيو. مورو ۾ تعليم عام ٿيڻ بعد شيعو مذهب جڏهن شعوري دور کي پهتو ته هيءُ ئي پهريون شخص هو جنهن دهل ۽ شرناءِ جي رواج جي ختم ڪرائي ديني اصولن مطابق ماتم کي رائج ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون.

            مورو جي تاريخ ۾ شيعي مذهب کي غير شرعي بدعتن کان آجو ڪرڻ ۾ ملنگ صاحب جون ورتل ڪوششون تاريخي حيثيت رکن ٿيون. هن خاندان ۾ محمد جڙيل مڱڻهار ڊرائنگ جي فن ۾ تمام سٺي مهارت رکي ٿو. هن وقت احمد ۽ موريل فقير مورو جي رهاڪن جا مڱڻهار آهن.

حجام:

            هيءُ راڄ هڪ روايت موجب حضرت ابراهيم عليه السلام جي وقت کان وٺي، سيد خاندان سان عقيدت هئڻ ڪري عربستان کان سيدن سان گڏجي هتي مورو ۾ پهتو. هيءُ پورهيت مورو جي سرزمين تي، سخي باقر شاهه جي عقيدت هيٺ هتي اچي آباد ٿيا. جتي هر سال صفر جي پوئينءَ اربعا تي سخي باقر شاهه جو تل رڌڻ جو ڪم به هيءُ حجم ئي ڪندا هئا.

            اتڪل ٽي پيڙهيون آڳاٽو، مورو ۾ حجمن جي وڏن مان حاجي، جمعو، رمضان، ربڏنو ۽ محمد پريل نالي حجمن جو ذڪر ملي ٿو.

            هيءُ حجام ساليانو يا هڪ فصلي آهت تي ماڻهن جي سنوارت ٺاهڻ جو ڪم ڪندڙ هئا. شادي خواهه غميءَ تي رڌ پچاءُ جو ڪم، ٻارن جي رسم سنت (طهر) جو ڪم به حجمن جي حوالي ٿيل هوندو هو. جيڪڏهن ڪنهن شاديءَ جو سڏ صلح يا قضئي جو ڄاڻ هوندو هو ته اهو به حجمن جي حوالي ٿيل هوندو هو. وڏڙن جي ڪچهرين ۾ مورو جا حجم دودي چنيسر جي ڳالهه کڻڻ جا ماهر هوندا هئا. جيڪا ڪيتريون ئي راتيون هلندي هئي. هن راڄ جون ڪيتريون ئي آڪهون اڄ تائين مورو ۾ موروثي ڌنڌي سان لڳل آهن.

ساٽي:

            مورو ۾ هيءُ خاندان ميرن جي وقت کان سڪونت پذير ٿيل آهي. هيءُ خاندان پاڻ کي صادق بن سليمان جي اولاد هئڻ ڪري صادقاڻي پاڙي جو سڏائي ٿو. اصل ۾ ٺٽو، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي ايراضين جو رهاڪو هو. سندن مکيه ڌنڌو مڇيون ۽ پلا وڪڻڻ آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته هيءُ خاندان درياءَ جي ڪپ تي پلن جي واپار تي سٽا هڻندو هو، ان ڪري ساٽي سڏيو ويو ۽ هڪ ملاح جي نياڻيءَ جو اولاد آهن.

            هن خاندان جي هڪ سڃاڻ ۽ سلجهيل فرد مرحوم ماستر گل محمد ساٽيءَ پنهنجي وڏڙن کان ٻڌل هڪ روايت جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته ساٽي دراصل حضرت سليمان جي اولاد مان آهن.

            هن خاندان جو ابن ڏاڏن کان مورو ۾ مڇي ۽ پلن وڪڻڻ جو ڪاروبار آهي. تعليم عام ٿيڻ کان پوءِ ڪافي نوجوان پڙهي لکي سٺين نوڪرين تي پهتل اهن. هن خاندان مان ماستر گل محمد صاحب هڪ تمام هوشيار استاد هو. هو عربي ۽ فارسيءَ جو سٺو ڄاڻو هو. هڪ سٺو شاعر، ادب ۽ شيعا مذهب جو بهترين مقرر هوندو هو. سندس شاعريءَ ۾ نالو ۽ تخلص علامه ڏنڊئي هو. اڪثر اسڪول جي اسٽيج ڊراما ۾ هندن جي قديم سڀيتا ”ڀڳت“ جو ائٽم پيش ڪندي وڏو ڀڳت ٿيندو هو ۽ ڪامڪ ۾ ڏاٺ جي سور جو مريض ٿيندو هو. سندس هيءُ ٻه ائٽم هر سال اسڪول جي اسٽيج ڊراما ۾ خصوصي طرح سان پيش ڪيا ويندا هئا ۽ ڪافي داد حاصل ڪندا هئا. هن کي علم موسيقيءَ جي به سٺي ڄاڻ هوندي هئي. سندس اولاد مان مسٽر محمد جمن هن وقت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ آفيسر آهي ۽ راڳ جي سٺي ڄاڻ رکندڙ اهي. هن خاندان جو ٻيو فرد فقير محمد ساٽي به سٺو سريلو آهي. ان کان علاوه الهجڙيو ساٽي، شير علي ساٽي ۽ نظام الدين ساٽي به سٺي حيثيت ۽ اثر وارا نوجوان آهن.

شيدي:

            هن خاندان جي هڪ آڪهه سيد بهاول شاهه مٽياري سيد جي خدمتگاريءَ هيٺ مورو ۾ پهتي. هيءُ نسل دراصل حبش جي رهاڪن مان غلاميءَ واري دور ۾، انسانن جي وڪري جي باقيات مان هڪ آهي. هن نوعيت جو ڪاروبار سنڌ ۾ پڻ هلندڙ هو، جنهن کي پوءِ ميان يار محمد ڪلهوڙي سنڌ ۾ بند ڪرايو ۽ جن جن وٽ به هن نسل سان تعلق رکندڙ غلام هئا، انهن کي آزاد ڪرائي سندن آقائن کي انهن جا پئسا سرڪاري خزاني مان ڀري ڏنا.

            مورو ۾ سيدن سان گڏجي پهتل شيدي آڪهه جي ڪنهن وڏي کي آزادي ملي، ليڪن پوءِ به سندن وفاداري کين سادات گهراڻي سان وابسته رکيو. ان جي اولاد مان جيڪو وڏو ياد پوي ٿو، ان جو نالو خميسو خان هو، جنهن کي سيد محمد شاهه اول پنهنجي گهرن ڀرسان جاءِ ٺهرائي ڏني ۽ هو نهايت آزاد ۽ خودمختيار فضا ۾ پهرين پوليس ۽ پوءِ انجنيئر کاتي ۾ چوڪيدار بڻيو. هن خاندان ۾ خميسو خان اول جو فرزند مبارڪ خان هڪ وڏو پهلوان ۽ ڏيا وارو انسان ٿي گذريو آهي. سيدن جي حويلين جو سڄو انتظام سندس سپرد هوندو هو. سيدن جي چوڻ تي ئي هن جي شادي ٿي ۽ ان جو نرينو اولاد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ۾ ويٺو. هن خاندان مان سائين خميسو خان ثاني سنڌي، گرامر ۽ حسابن جو زبردست هوشيار ۽ سادي طبيعت رکندڙ هڪ لائق استاد ٿي گذريو آهي. هن خاندان جي هڪ ٻي هر دلعزيز شخصيت سائين رستم خان جو مفصل احوال، سندس سوانح حيات ۾ ايندو.

            هيءُ خاندان، مورو جي ٻاهران لنڊن جي ڳوٺ ۾ مقيم خاصخيلي راڄ جو سڱابنديءَ ۾ جڪڙيل هئڻ ڪري، اڃا تائين صحيح سلامت آهي ۽ اڄ تائين موجود آهي.

دايا:

            هن راڄ جون ٻه شاخون مورو ۾ آباد آهن. جيڪي پڻ سيدن جي خدمت چاڪريءَ هيٺ ميرن جي دور کان مورو ۾ آباد ٿيل ٻڌايا ٿا وڃن.

            داين جو اهم ڪم گڏهن تي مٽي ڍوئڻ ۽ سرون کڻڻ هوندو هو، داين جون عورتون وري شهر ۾ ويم ڪرائڻ جو ڪم ڪنديون. ويم واري عورت جي آڍ، لت ۽ ٻي ٽهل ٽڪور به دائي مائي جي حوالي هوندي هئي.

            شهر ۾ جڏهن به ڪا عورت پيٽ سان ٿيندي هئي ته دايون مايون مٺائي موڙو کڻي اينديون هيون ۽ پيٽ واري عورت کي ويم تائين پنهنجي نظرداريءَ هيٺ رکنديون هيون.

            اڄ کان ٽي پيڙهيون اڳ جون اهم دايون، دائي جي بخت ياوري ڪئي ۽ هن پنهنجو ڌنڌو ترڪ ڪري اٽي جي مشين ۽ ٽيوب ويل مشينن جو ڪم شروع ڪيو، جنهن مان هن ڪافي ترقي ڪئي ۽ زمينداري پڻ شروع ڪئي. سندس اولاد مان مسٽر غلام قادر هڪ تعليم يافتو نوجوان آهي. جتوئي خاندان مان رابطي ۾ رهي شهر جي مقامي سياست ۾ اڀري مٿي آيل آهي ۽ چڱو نالو ڪڍيو اٿس.

ڪنڀر:

            مورو شهر ۾ ڪنڀر راڄ پاڻ کي اصل چنڙ ذات جا بدوي عرب سڏائن ٿا. جيڪي ميرن، ڪلهوڙن جي وقت ۾ سنڌ ۾ آباد آهن. ڪنڀر راڄ جي وڏن مان خميسو خان ۽ جنگ نالي، هنرمندن جي حيثيت سان، مورو ۾ داخل ٿيا ۽ پنهنجا گهرڙا اڏي ويهي رهيا. انهن وڏن جي اولاد مان خميسو خان نالي ڪنڀارڪي ڪم جو لاثاني ڪاريگر هو. سندس چوٿين پيڙهيءَ مان حمزو خان وقت جو هڪ پختو ۽ ڪهنه مشق شاعر ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. هيءُ خاندان گمبٽ جي بزرگ پيرن جي مريديءَ هيٺ ٿي گذريو آهي. هيءُ خاندان گمبٽ جي پيرن جي مريديءَ هيٺ آهي. مورو جي اتر اوڀر ڪنڊ تي سندن پونيرن جي هن هنر ۾ گهٽ دلچسپيءَ سبب هيءُ فن مورو مان ختم ٿيندو پيو وڃي.

لوهار ۽ سما:

            مورو ۾ لوهارڪو ڪم ڪندڙ راڄ، اصل ۾ سما قوم سان تعلق رکندڙ آهن. مورو ۾ نهايت قديم رهاڪو تصور ڪيا وڃن ٿا. هن راڄ جي ڪنهن پيڙهيءَ مان انگريزن جي دور ۾ مستري گل محمد هڪ تاريخ ساز شخصيت جو حامل آهي. جنهن پنهنجي لوهارڪي ڪم ۾ تمام عجيب و غريب شيون ٺاهي وڏيون سندون ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا. هن پهرين ڊپٽي قادر داد جي قائم ڪيل هنري اسڪول ۾ تربيت ورتي. سندس ذهانت کي ڏسي، کيس وڌيڪ تربيت لاءِ پنجاب موڪليو ويو. جتان هو لوهارڪي ڪم جا ڪيترائي هنر سکي آيو. هو بندوقون ۽ پستولن ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر هو. هن هڪ اهڙو لڪڻ ٺاهيو، جنهن ۾ ڏاڙهي ٺاهڻ جو سڀ سامان اندر ئي رکجي ويندو هو. اهو لڪڻ ڪهاڙي، ڏڦي ۽ لوڙهه جو ڪم به ڏئي سگهندو هو. سندس اولاد وٽ اڃا تائين اهو محفوظ آهي. سندس هٿ جي ٺاهيل ڪلفن کي ڪو به کولي نه سگهندو هو. مستري گل محمد هڪ روشن ضمير ۽ في البديع شاعر هوندو هو. سندس ڪلام نهايت پختو آهي. کيس نرينو اولاد ڪو نه ٿيو. البت سندس هڪ نياڻي اڃا موجود آهي. مستري گل محمد جي ڀائٽين جو اولاد اڃا تائين مورو ۾ مقيم آهي ۽ لوهارڪي ڪم جو زبردست ڪاريگر آهي. هن راڄ جو نوجوان نسل تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. جن مان هڪ نوجوان غلام نبي سمون مورو ۾ ٽائيپنگ ۽ شارٽ هينڊ، شارٽ ڪورسز جي انستيٽيوٽ جو بنياد رکي مورو جي عوام جي وڏي خدمت ڪئي آهي.

            واضح رهي ته هن آڪهه جي قديم وڏڙن ۾ قرآن شريف جا ياد حافظ تمام محترم سمجهيا ويندا هئا. ان ڪري عورتن جي راڄ رانوڻ ۾ کتون رو سيدن، قاضين ۽ ان لوهار خاندان جي عورتن کي ملنديون هيون، باقي سمورو راڄ هيٺ نکن تي ويهندو هو.

سونارا ۽ وينجهر خاندان:

            مورو ۾ هيءُ راڄ پڻ قديم ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪو گذر معاش سانگي ميرن جي دور ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪهي اچي هن سرزمين تي آباد ٿيو. سونارا اصل سونارڪو ڪم ڪندڙ آهن ۽ وينجهر وري هيرن ۽ موتين جي جڙاوت جو ڪم ڪندڙ هئا. مورو ۾ قديم زيورن جي استعمال وارين روايتن جي آڌار تي هن راڄ جي هن سرزمين تي موجودگي جا آثار اڃا به آڳاهان ٿي وڃن ٿا، ليڪن اهڙي مستند شهادت هن خاندان جي ڪنهن بزرگ وٽان حاصل نه ٿي سگهي آهي. هن وقت سونارن جي هڪ سلجهيل نوجوان رضا محمد سوناري کان جيڪو احوال پنهنجي بزرگن کان سيني به سيني منتقل ٿي وصول ٿيو آهي، ان موجب وينجهرن جو اصل وڏو درسن جو ويٺل هوندو هو. محمد ڪامل، لوهارن کان جايون وٺي مورو ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سندن هڪ عزيز گل حسن خان ڪليڪٽر ٿي آيو، جنهن جي مدد سان زمينن جا ٽڪرا هٿ ڪيائون. محمد فاضل موري ۾ ٽانگو (گهوڙي گاڏي) هلائيندو هو. ان وقت مورو ۾ ٽانگن بيهارڻ جي جاءِ تلاءَ وٽ هندن جي مندر جي اتر ۾ هوندي هئي. مورو ۾ وينجهرن، سونارن ۽ پيرزادن جون 10، 12 آڪهون سڪونت پذير ٿي هڪ راڄ جي صورت اختيار ڪري ويل آهن. هن وقت وينجهرن مان ميان عزيز الله وينجهر زميندار، مسٽر دين محمد تپيدار ٿيو ۽ مورو جو جڳ مشهور وڪيل مسٽر محمد ايوب وينجهر سٺي حيثيت رکندڙ آهن. هن ئي راڄ مان مسٽر علي محمد وينجهر مرحوم، ايڪسائيز کاتي ۾ انسپيڪٽر هو. سندس فرزند علي نذير جان هن وقت واپڊا ۾ انسپيڪٽر آهي. هڪ سٺو نوجوان اديب آهي. مسٽر محمد ايوب وينجهر مهراڻ ڪاليج مورو جو پهريون پرنسپال پڻ رهي چڪو آهي. سونارن ۾ وري هن وقت رضامحمد سونارو راڄ جو نيڪ مرد آهي. ڪي سونارا هالن مان لڏي مورو ۾ سڪونت پذير ٿيل آهن، جيڪي اصل ذات جا ميمڻ آهن. انهن مان هن وقت حاجي نور محمد سونارو ۽ سندس اولاد مورو ۾ سٺو حلقو رکندڙ آهن.

نول:

            هيءُ راڄ مورو ۾ ايامن کان مقيم آهي. هي اصل مري جا آهن ۽ سرائڪي ٻولي ڳالهائيندڙ آهن. هن راڄ جي هڪ ٻي شاخ پار درياهه کان پنهورن جي هڪ ديهه ڪوٽ ستابو کان لڏي گذر سفر سانگي مورو ۾ اچي رهڻ لڳا آهن. مورو جي ڏکڻ ۾ ڪاسائڪي کڏ جي ڪناري تي هن راڄ جي 7، 8 ويڙها مقيم آهن. هن راڄ جا وڏڙا برطانيه سرڪار ۾ ملازمت ڪندا هئا. سندن اصل وڏو الهيار خان هوندو هو. هن وقت ان جي اولاد مان جمعو خان نول مشهور آهي. هيءُ صاحب پڪي راڳ جو شوقين آهي. هن کي مورو شهر ۾ هڪ تمام سٺي هوٽل هوندي هئي. هن هوٽل ۾ بوتلن ڀرڻ جو ڪارخانو هوندو هو. اها هوٽل مورو جي قديم هوتلن مان ٻئين نمبر تي هئي. جيڪا هن وقت بند ٿي ويل آهي. هن راڄ جا اڪثر ماڻهو پورهيت طبقي سان تعلق رکن ٿا. هن راڄ مان حاجي نول نالي هڪ پورهيت جي آئسڪريم ملائي ۽  نيرن لاءِ چانورن ۽ پيهون ايامن کان مشهور آهن.

لانگاهه:

            هيءُ راڄ اصل ۾ ملتان ۾ سڪونت پذير هو، جتان جوڻالوءِ جي هڪ سيد امير شاهه هنن جي ڪجهه آڪهن کي لڏائي، درياءَ جي ڪپ تي لعل سيال ۽ جيسرن جي ڳوٺ آڻي رهايو. هيءُ تاريخ جي گردش جو شڪار ٿي موچڪو ڌنڌو اختيار ڪري چڪو هو. جن مورو جي سرزمين تي پاڪستان جي قيام کان چند سال اڳ مورو ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي ۽ تعليم عام ٿيڻ کان پوءِ نئين ٽهيءَ جي اڪثريت پڙهي قابل ٿي، سرڪاري ملازمتن ۾ داخل ٿيل آهي. هن خاندان مان خان محمد ۽ حاجي ڪارو لانگاهه پهرئين جوڙ جا وڏا ملهه پهلوان ٿي گذريا آهن. موجوده دور ۾ قيام پاڪستان کان پوءِ پير بخش لانگاهه ۽ محمد عرس عرف پنڊول ڪٻٽيءَ ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي. هن وقت مورو جي لانگاهه راڄ ۾ محمد صالح ولد محمد بچل، محمد صالح ولد الهڏنو خان، احمد خان، نذير احمد ۽ منظور احمد لانگاهه سرڪاري ملازمتن ۾ آهن. ڪن بوٽن ۽ چمڙي جو واپار شروع ڪيو آهي، ڪي ٻين واپارن ۾ مشغول آهن. باقي ڪي چند غريب خاندان اڃا به موچڪي ڌنڌي کي لڳل آهن.

پنهور:

            مورو ۾ هن خاندان جي موجودگيءَ بابت هڪ روايت هن طرح ملي ٿي ته مورو جي قاضي صاحبان وٽ ڪجهه دستاويز اهڙا به آهن، جن موجب قاضي صاحبن ڪجهه زمينون پنهور قبيلي جي ماڻهن کان به خريد ڪيون هيون. جنهن مان خبر پوي ٿي ته مورو ۾ پنهور ذات جا به ڪي ماڻهو سڪونت پذير هئا.

 

مورو جي اديبن جا لکيل ڪتاب

علم فقه ۽ حڪمت تي عربي ۽ فارسي ۾ لکيل قلمي نسخا (قاضي خاندان جا علام سڳورا)

1. آخري رسول                2. آخري مذهب (ٽي حصا

3. خالت عثمانيه                4. اسلام ۽ علم

5. اسلام ۽ تصوف                        6. اسلام ۽ قرباني

7. تاريخ تعمير ڪعبه                       8. ويدن جي حقيقت

9. شڌيءَ جا سانگ                       10. فاتح سنڌ تاريخي ناول

11. ستيءَ جي ستيا                       12. ڇتر پتي

13. درس آموز                             14. قرآن ۽ نئين روشني ترجمو

15. مسلمان ۽ سود                        16. سندري (اول)

مٿيان سڀ ڪتاب خليق مورائي جا لکيل آهن.

17. ڪليات آهنڱر (گل محمد آهنڱر جي شاعري اڻڇپيل)

18. ڪليات فتح علي (حمزو خان ڪنڀر اڻڇپيل)

19. ديوان احمد بخش ”احمد“ اڻ ڇپيل

20. مولود شريف (اختر مورائي)

21. علم نفسيات تي ڪتاب (انور احمد قاضي)

22. الحق اخبار (انور احمد قاضي)

23. سيمي ۽ رايون جاڳن جي (ناصر مورائي)

24. شالم صحت (قاضي عبدالعزيز عزن صوفي

25. تفسير قرآن پاڪ (سيد پناهه علي شاهه اڻڇپيل)

26. منظوم اسٽيج ڊراما (اختر مورائي)

27. لهرون لک لباس (اداره آئينه ادب مورو)

28. ڪانڌي ڪنگ ٿياس (اداره آئيه ادب ۾ورو)

29. ڪريو ڪوٽ قهر جو (اداره آئيه ادب مورو)

30. سنڌڙيءَ جو سوداع (راشد مورائي)

31. مورو جي شاگرد تحريڪ (م، ع، ترابي)

32. وطن جو سپاهي (م، ع، ترابي)

33. خليق مئگزن (مهراڻ ڪاليج مورو)

34. خليق مئگزن (مهراڻ ڪالج مورو)

35. جيئي لطيف (مهراڻ ڪاليج لٽرري سوسائٽي)

36. ڳنڍيون منجهه ڳنڍير (باک پبليڪيشن (نذير قاضي)

37. شهيد عبدالرزاق (سنڌي ادبي سنگت راشد مورائي)

38. اجهاڻل آس (اروڙ پبليڪيشن مشتاق باگاڻي)

39. اجهاڻل آس (اروڙ پبليڪيشن مشتاق باگاڻي)

40. ڪوپن ڪنڌ نچي نچي (اروڙ پبليڪيشن مشتاق باگاڻي)

41. انصاف جو گهنڊ (استاد پبليڪيشن راشد مورائي)

42. ميندي سندا کيت (گلزار پبليڪيشن (شاعري)

43. تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو (ڊاڪٽر محمد لائق زرداري)

44. سنڌ جي سياسي جدوجهد (ڊاڪٽر محمد لائق زرداري)

45. يتيم جذبا (شهيد اڪيدمي راشد مورائي)

46. سنڌي ادب جي ارتقا (ترجمو پروفيسر غلام حيدر ٻرڙو)

47. هو جي ٻول ٻريا (مرتب پروفيسر غلام حيدر ٻرڙو)

48. ٻريا مچ مجاز جا (مرتب راشد مورائي شهيد اڪيڊمي)

49. اخباري مضمون (صوفي غلام مصطفيَ ڪانڌڙو)

50.  جاگرافي تعلقو مورو (عبدالرحمان سومرو

51. مورو شهر جي تاريخ (مٺل ڪمالاڻي (هي ڪتاب)

52. سنڌ جي ڳوٺن جي تاريخ (مٺل ڪمالاڻي اڻ ڇپيل)

 

مورو شهر جي ڪن نون ۽ پراڻن شاعرن جو ڪلام نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.

 

مخدوم قاضي ميان عبدالرئوف:

عربي: نخص الحمد لله ذوالجلال،

            عليَ ما عم فضلا باالنوال.

 

فارسي:   هر ثنائي که دروجود آيد،

                        از ورا مرورا همه شايد.

 

سنڌي                 ساراهه سبحان کي جو باري مثلا،

                        ناهي نظر ان کي منجهه ذات ۽ صفتا.

 

مولوي محمد صديق مورائي

 

رس اي! نور نبي، اٿ عربي، پهچ پنهل پيارا، 
جايون پاڪ عرب جون، جت دشمن ڪن بي ادبي 
                                                            اٿ عربي.......
ڳالهه خلافت حق جي، ساڪين چپن ۾ چئبي، 
                                                            اٿ عربي.......
ساه سسي سر صدقي، ڪائين ڪا نه ڪبي، 
                                                            اٿ عربي.......
صديق کي سڪ سيدا، روح رڳن ۾ رهبي، 
                                                اٿ عربي پهچ پنهل پيارا.......

 

(خلافت تحريڪ دوران چيل)

 

گل محمد لوهار آهنگر

وطن ۽ ويڙهيچا وڳر مون نه وسرن،

اوٺي ڪو نه آيم عمر ڏنهه اباڻن.

 

کنبيون کاجھ سرتيون چونڊن هت چوڌاري، 
للر لنب ڀاڄ مون مارن جي پياري، 
پسيون ڏونرا ڏيهه ۾ پڪا پيرون پسجن. 
سانئون چيڻون سرتيون سرنهه ساڳ سٿرا، 
ٻٽي هت پنهواريون ڪپي ڪن ٿيون قطرا، 
مکڻ سير مارو وجهي تن ۾ چاڙهن.
تنهن جا طعام طهريون چڱيون چاش چهريون،
مڙئي مٽ مارن جي، مهي ڪين ڪريون،
مربه مٺايون سونهن ڪين ساڳن.
اماڻج خدايا، مون کي تون اباڻي، 
ملي ماندي مارن، هتي شال هاڻي، 
ڏاڏاڻا ڏيهن ۾ خوشيون شال سي ڪن.
”گلڻ“ نيٺ مالڪ ڪندو منهنجو مليو،
ڏيندو پاڻ پرور بنائي ڪو حيلو،
رٺل موٽي پورهيت سان شل پرتئون پرچن.

 

خليق مورائي:

 

ٿو آباد گارو اڄ اوهان جو حال ڇا آهي، 
 نه راتاڻو نه ڏينهوڻو نڪي ڪپڙو صفا آهي. 
نه دولت علم جي يارو نه نقدي ڪجهه رکيل گهر ۾،
سدا آڻين ۽ چاڙهين واري ماجرا آهي،
اکيون کولي ڏسو دنيا، نهاريو پڻ اوهين گهر ڏي،
سوا دانگي ڪني ۽ پاٽ جي، ٻيو ادا ڇاهي. 

 

مولوي محمد صادق مورائي:

نينهن ڪيم نروار، پئي الله سان مان روح ريجهايان،

مولوين جي هر خواهش ٿي آ، شرع ۾ ته شمار، 
                                    پئي الله سان مان روح ريجهايان
 پيرن فقيرن جي خانقاهن تان، ڀٽڪي ٿيڙس ڌار، 
                                    پئي الله سان مان روح ريجهايان
ڪين مان آئين، ڪين ۾ ويندين، ڪين اٿئي وڻڪار،
                                    پئي الله سان مان روح ريجهايان
مرشد ناهي وقت جو ڪوئي، احمد سان رک آر،
                                    پئي الله سان مان روح ريجهايان
مهدي ايندو پاڻهي تو وٽ، کوليندءِ سڀ اسرار،
”صادق“ صدق صفائي توتي کولي اٿئي درٻار،
                                    پئي الله سان مان روح ريجهايان

 

مولانا عبدالڪريم مورائي

ظاهر فرشي باطن عرشي، راز هي دل تان ڪين وسار،

 

رهبر هي آ راز ٻڌايو، مخفي رک تون هر اسرار،
”من عرف“ کي ڪين وسارج، عشق جوان تي آڌار،
”اقرب“ جو تون سمجهه اشارو، بلڪل لاهي جيڪو ٻار، 
”محڪم“ جو تون مطلب ڄاڻي، دلبر جو پوءِ ڪر ديدار،
”احسن“ توکي پاڻ چوي ٿو، ان سان رک تون جلدي آر، 
”عبد“ رکج تون الفت ان سان، پرتئون ڄاڻي ان جو پار.

 

قاضي محمد علي اختر مورائي:

 

نه سيراب اک ٿي نظارا کٽي پيا، 
مناظر جي دلڪش سي سارا کٽي پيا. 
ڳڻيندو رهيس ٿي اڃا ياد ان ۾، 
مگر آسمان جا ستارا کٽي پيا.
اسان جو جڏهن وارو آيو ڏٺوسين،
عطا جا مڙيئي ادارا کٽي پيا.
هئي طلب ”اختر“ کي ساڳي انهن جي،
رهه عشق ۾ گلعذارا کٽي پيا. 

 

علامه کڙپي (اختر مورائي)

 

شرارت شود پائي وارو اڄڪلهه پر وقار آهي، 
ديانت دينداري جو ڪري سو نابڪار آهي. 
مڃو سکڻو جي آهين پوءِ شرافت سڀ لڙهي ويندءِ،
چوندو هر ڪو هي رهزن، حرامي عيبدار آهي.
ميان ماني بچائڻ جو وسايو بار سڀ سر تي،
ويا ٻارهن وڄي بيگم جو ان کي انتظار آهي.
ذرا ڪو خيال ڪر”کڙپي“ ٻڌي گفتا اهي تنهن جا،
پراوا پنهنجا هي چوندا نسورو هيءَ خار آهي.

 

 

احمد بخش مورائي

 

قوم جا دشمن سدا شل سوز ۾ سڙندا رهن،
خار اکين ۾ انهن کي رات ڏينهن لڳندا رهن.
سنڌڙي سهڻي سٻاجهي ۽ سندس ماڻهو مٺا،
تنهن جا دشمن دائما شل رڃ ۾ رلندا رهن.
ملهه ٻلهاڙي ونجهوٽي ۽ ڪٻٽيءَ جا قنڌار،
جوان جيتي جنگ اندر شل گونج سان گجندا رهن.
گائيون ميهون، متاريون ڇيلڙن جون ڇانگڙون،
مال مان مارو مٺا شل کيرڙا ڏهندا رهن.
شهر ۾ شهرين جا بنگلا ۽ بزارون بهترين،
محل ماڙيون روڊ رستا جام شل جڙندا رهن.
يا الاهي التجا احمد جي تون آگا آ گهاءِ،
واديءَ مهراڻ جا شل مئڪدا وسندا رهن.

 

ميان حمزو خان ”فتح علي“ مورائي

ڀيروڪر ڀوتار تون، آري جھام اصيل،

 

ستي سورن سسئي، اچي جاڳائي آ جليل ڀيرو ڪر ڀوتار،
دانهن جي درٻار ۾، ڏٺم ڪوڙين ٻرن قنديل ڀيرو ڪر ڀوتار.
دادلا تنهنجو در وٺيو، بيٺا زاريون ڪن ذليل ڀيرو ڪر ڀوتار.
محبوب تنهنجي ملڻ لاءِ لکين عاشق ڦرن عليل ڀيرو ڪر ڀوتار.
ڦوڙائي جا ”فتح علي“، بيٺا ڌوٻي ڌوئن دليل ڀيرو ڪر ڀوتار.

 

نذير قاضي:

 

وڻجارن جون اڻکٽ واٽون، ماڳ نه ڪائي منزل وي، 
                                                ماڳ نه ڪائي منزل وي.
ڪاڪ جي خاڪ وڪاڻي راڻا! ڪاڏي ڪاهين ڪرهل وي،
                                                ماڳ نه ڪائي منزل وي.
راءِ ڏياج ته ڪوئي ناهي، ڪنهن لئه ڳائين ٻيجل وي،
                                                ماڳ نه ڪائي منزل وي.
چهڪ ڏنا ٿي چانڊوڪيءَ، هو چنڊ چريو پي گهائل وي،
                                                ماڳ نه ڪائي منزل وي.
وير ته هيڪر وري وئي پر، سڃو سڃو آ ساحل وي،
ماڳ نه ڪائي منزل وي ماڳ نه ڪائي منزل.

 

ن ق پاهوڙو (نذير قاضي)

 

رسي مون سان ويو دلبر خبر ناهي ته ڇا ٿيندو.
وتان رلندو پيو در در، خبر ناهي ته ڇا ٿيندو.
وڃان ٿو يار سان گڏجڻ چڙهي سائيڪل سڳوريءَ تي،
ٿيو جي واٽ تي پنچر، خبر ناهي ته ڇا ٿيندو.
رقيبن يار تي جادو بنگالي نج هلايو ۽،
شروع مون ڪيو سنڌي منتر، خبر ناهي ته ڇا ٿيندو.
نهاريندو حسينن ڏي ٽڙي پئون ٻئي واڇون،
لڳو جو اوچتو پادر، خبر ناهي ته ڇا ٿيندو.
اڌاري نيڪٽاءِ، رومال پائي پينٽ ”پاهوڙو“ 
سڏائي پاڻ کي مسٽر، خبر ناهي ته ڇا ٿيندو.

 

راشد مورائي

اٿو نوجوانو ڇڏيو هاڻ غفلت

 

وري ديس تي ڪاهه پلپل ڏسو ٿا، 
وري ملڪ ۾ باهه ٻريل ڏسو ٿا،
چشم هرڪو ڳوڙهن سان ڀريل ڏسو ٿا.
هي ماحول پنهنجو به مٽيل ڏسو ٿا.
ڪيون ڪوششون ٿا ٺهي نيٺ قسمت،
اٿو نوجوانو ڇڏيو هاڻ غفلت.

 

 

مجاهد پيا ڪن تياريون سفر جون،
سلامي ڏين ٿيون هوائون اتر جون،
ڏسي همتون پيءُ ٿيو خوش پسر جون،
ڏس عظمتون پنهنجي ونيون به ور جون،
خوشي پاهنجن کي ته غيرن کي عبرت،
اٿو نوجوانو ڇڏيو هاڻ غفلت.

 

 

اٿو جوش ڀريا ڪي طوفان ٿي پئو،
شمع سنڌ جي لاءِ پروان ٿي پئو،
منهنجي شعر جي جان عنوان ٿي پئو.
وطن جو نمايان اوهين شان ئي پئو،
ٿو ”راشد“ اوهان کي ڏئي حق جي دعوت،
اٿو نوجوانو ڇڏيو هاڻ غفلت.

 

عبدالعظيم سولنگي( عظيم سنڌي)

 

رات ڪاري بعد روشن صبح آ ٿيندو رهيو.
دور هڪڙي جي پٺيان ٻيو دور نئون ايندو رهيو.
وقت جو ڦيٿو سدائين تيز آ ڦرندو رهيو.
ڪنهن کي ڊاهيندو رهيو ۽ ڪنهن کي ٺاهيندو رهيو.
پٽ جي تعليم، ڌيءَ جو ڪاڄ ۽ بيمار ماءُ،
هر ڪلهي هاري کنيو، ڇا ڇا نه سوچيندو رهيو.
حوصلي سان پورهيتن اڳتي وڌڻ جي هام هنئين،
وقت سڀ کي امتحان سان آزمائيندو رهيو.
حوصلي سان پورهيتن اڳتي وڌڻ جي هام هنئين،
وقت سڀ کي امتحان سان آزمائيندو رهيو.
ڪير ٿو ميٽي سگهي، ”رزاق“ پنهنجي خون سان،
سنڌ جي نقشي تي جيڪي چٽ چٽي ويندو رهيو.
جو ڊنو ڍرڪي پيو، تنهن ديس سان ناتو ڇنو،
جو عظيم هو، سو وطن تان جان گهوريندو رهيو. 

 

حاجن ڪمالاڻي:

 

اٿو نوجوانو ڪا محنت ڪريو،
ٺلهي نعري بازي کان نفرت ڪريو.
نه ترجيح ڏيو جوش کي هوش تي،
ٻنهي جي گڏي دل ۾ دعوت ڪريو.
جدوجهد جاري رهي عمر ڀر،
ڪڍو ڪاهليءَ کي نه فرحت ڪريو.
چڱائي جا استاد ”حاجن“ چئي،
سا تسليم دل سان حقيقت ڪريو.

 

احمد بخش احمد مورائي

 

رخ دلبر تي زلفن جي جا لٽڪيل لام ٿيندي آ، 
دل عاشق کي اٽڪائڻ لئه ڪافي مام ٿيندي آ.
اکين مان آب جاري آ نه فرقت ۾ اچي فرحت،
هجر ۾ هڪ گهڙي مون لئه به ڪاري قيام ٿيندي آ.
مرڪ محبوب جي موهي ڪري ٿي قيد ۾ قابو،
صورت سهڻي جي ڪاوڙ ۾ به ڄڻ گلفام ٿيندي.

 

مشتاق احمد جان مورائي

 

چشم آ هو منجهاران تير نڪتو،
سڌو سيني مان ٺاهي چير نڪتو.
خدايا خير ڪر، قابو ڪرڻ لئه،
کڻي زلفن سندو زنجير نڪتو،
اسير زلف ٿي رهڻو پيو آ،
سچو خوابن سندو تعبير نڪتو.
لڳي ويو عشق جو ڌڪ يا خدا ڍڪ،
لڙهي نيڻن منجهان آ نير نڪتو.
رچائي رنگ مس پورو ڪيو ويو.
ته محفل سان دل، دلگير نڪتو.
چشم پرنم اداسي ۽ هي ڳڻتيون،
کڻي آهن سندو تاثير نڪتو.
نه هو امڪان ڪو ان جي اچڻ جو،
وڇوڙو ڪئن اچي بي پير نڪتو.
سڀئي محبوبا جي محفل ۾ ويٺا،
صرف هڪ ”جان“ بي تقصير نڪتو.

 

قمر زمان قمر مورائي

 

اهو آهي يقين خاموش امنگن مان شرر ٿيندو،
نه غم ڪر رات ڪاريءَ جو، سگهو ان جو سحر ٿيندو.
اسان جي خون مان اڀري بهارون مسڪرائينديون ۽ ڳوڙهن مان چمن اباد پنهنجو سربسر ٿيندو.
اوهان جي هر تشدد تي اسان جا حوصلا وڌندا،
نه گوليءَ ساڻ ڪجهه ٿيندو جنون پختو مگر ٿيندو.
هينئر پيمانه و صهبا نه مون کي آڇ اي ساقي،
جو هاڻي ”قمر“ تنهنجو ڪشمڪش سان بهره ور ٿيندو.

 

قاضي خالد حيات ”سيف“

 

زندگيءَ جي راز کان پيو آشنا ٿيندو وڃان،
پنهنجي فطرت ۾ ئي همدم پيو فنا ٿيندو وڃا.
لاهرو ڪو راهه منهنجيءَ جو نه آهي ڇا ٿيندو،
اي جنون! مان اڃ ٿو محتاج صدا ٿيندو وڃان.
ڇو شعور زندگاني هيترو مونکي ڏنئه،
ڪيستائين وقف غم مان اي خدا ٿيندو وڃان.
منهنجي فطرت، منهنجي عادت، منهنجي خصلت”سيف“ ڇا،
مثل گل خوشبوءِ ڏيندو ۽ فنا ٿيندو وڃان.

 

خليل بن اختر قاضي

 

سلامت شل هجي ساقي ته ميخانا به ٿي پوندا،
پيا ڪو مئي جا متوالا ۽ مستانا به ٿي پوندا.
دکائي عشق دنيا ۾، جي دونهين جستجو ئي جي،
ته ڪي مولا جا طالب مست مردانا به ٿي پوندا.
اچي جي سانگ سانس انگين اڏيا پوٺن مٿي پکڙا،
وري آباد پڪ ڄاڻج هي ويرانا به ٿي پوندا.
مجاهد ٿئي رڳو ظاهر ته بيشڪ حال هي ٿيندو،
ڪيئن سرويچ ٿي پوندا صنم خانا به ٿي پوندا.
”خليلا“ صبر ڪر هاڻي نه هر گز ڦولهه هي ڦورو،
بهاني شعر ظاهر راز رندانا به ٿي پوندا.

 

م ع ترابي

 

ڇو سختيون سدائين آهن، غريب کي،
دنيا ۾ ڇا نه آهي ڪو حق غريب کي.
خوف خدا رکو ڪجهه انڌا نه ٿي اميرو،
شب روز هيئن ستايو ناحق غريب کي.

 

 

وجهي جهانءِ جهروڪ ۾ جهونا ڳڙهه جهوري،
”زاقن“ ساريءَ سنڌو لئه ڪنڌ ڏنو ڪوري،
مان لڌو موري موتي ڏئي مهراڻ جو.

 

(زاقن، شهيد عبدالرزاق جي پيار جو نالو آهي)